ايس يو پي ڪراچي جو اڳواڻ عبدالرزاق شر لاڏاڻو ڪري ويو

گلشن اقبال (ن ع آ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري عبدالرزاق شر اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو سندس حياتي جو آخري ڏهاڙو به سنڌ سياسي جستجو وارو گذريو هو حب ڀرسان ٻوڏ متاثر ڪئمپ ۾شهيد زاهد تنيو جي  تعزيتي ميڙاڪي ۾ شريڪ هو ته پروگرام جي آخر ۾ کيس اوچتو دل جو اٽيڪ ٿيو کيس اسپتال آندو ويو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس اوچتي لاڏاڻي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين سيد جلال محمود شاه، صدر سيد زين شاه، سينئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو سميت اعجاز سامٽيو غلام مصطفا چانڊيو سميت پارٽي سي اي بي اڳواڻن ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جي سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جنهن ۾ وڪيل محمد خان شيخ نورالدین جمالي، شبير راجپر مبارڪ ڀٽي، عنايت کٽياڻ وهاب سومرو رياض کيمٽيو تاج محمد وساڻ منصور مغيري منير مگسي منصور ڏنور واحد مغيري سميت ٻين ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته عبدالرزاق شر جو لاڏاڻو پارٽي لاءِ وڏو نقصان آهي. عبدالرزاق شر جي لاڏاڻي سان پارٽي پنهنجي هڪ سگهاري اڳواڻ کان محروم ٿي وئي آهي. عبدالرزاق شر جون پارٽي لا۽ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.