اسلام آباد (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نئين سال تي چيني قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. آچر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان چين جي نئين سال جي آغاز تي صدر شي جن پنگ ۽ چيني عوام کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ نئين سال کي پنهنجي چيني دوستن لاءِ پيار، امن ۽ خوشحالي جو ضامن ٿيڻ لاءِ دعاڳو آهيون.