واٽس ايپ جون اُهي خوبيون جيڪي اوهان کي وڏو ڪم ڏينديون

واٽس ايپ جي شروعات هڪ عام ميسجنگ سروس طور تي هئي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن سان رابطو ڪرڻ ۾ سولائي ۽  مدد ملي سگهي.

پر هوريان هوريان واٽس ايپ کي آل اِن ون سوشل پليٽ فارم ۾ تبديل ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽوريز، ڪميونٽيز، اواتارز، واٽس ايپ بزنس، گروپ ڪالز ۽ ميمنٽس جهڙا فيچر موجود آهن.

ميٽا جي زير ملڪيت هن ميسجنگ سروس طرفان واٽس ايپ اڪائونٽس جي تحفظ لاءِ ڪجهه ورهين کان ڪيئي پرائيوسي فيچرز پڻ متعارف ڪرايا ويا آهن.

اوهان به واٽس ايپ جي اهڙن ئي ڪجهه بهترين پرائيويسي فيچرز بابت ڄاڻي وٺو جن کي هر واهپيدار استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.

ٽو اسٽيپ ويري فڪيشن

فيسبڪ، ٽوئيٽر ۽ ٻين اهم سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جيان واٽس ايپ ۾ به ٽو اسٽيپ ويري فڪيشن وارو فيچر موجود آهي جيڪو اڪائونٽس جي سيڪيورٽي کي مضبوط بڻائيندو آهي.

ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ فون ۾ واٽس کي اوپ ڪريو ۽ وري ٿري ڊاٽ مينيو تي ڪِلڪ ڪري سيٽينگز ۾ وڃو.

سيٽنگز ۾ اڪائونٽس جي آپشن تي وڃي ٽو اسٽيپ ويري فڪيشن تي ڪلڪ ڪري ٽرن آن کي سليڪٽ ڪيو.

ائين ڪرڻ کانپوءِ اوهان کي ڇهن لفظن جو پِن ڪوڊ داخل ڪرڻو پوندو ( ۽ اِهو ياد به رکڻو پوندو) جڏهن ته اي ميل ايڊريس به شامل ڪري سگهو ٿا ته جيئن پن ڪوڊ ريڪوري سيٽ ڪري سگهو.

اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ بيڪ اَپ جو استعمال

هونئن ته واٽس ايپ ۾ ذاتي پيغامن لاءِ اينڊرائيڊ انڪرپشن وارو فيچر هاءِ ڊيفالٽ ڪم ڪندو آهي پر بيڪ اپ لاءِ اوهان کي پاڻ ائين ڪرڻو پوندو.

جڏهن اوهان اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن بيڪ اَپ ڊيٽا لاءِ اِن ايبل ڪندا آهيو ته ڪير به ( واٽس ايپ به ) ان تائين پهچ حاصل ناهي ڪري سگهندو.

ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ سيٽنگز ۾ وڃي چيٽس ۽ وري چيٽ بيڪ اَپ آپشن تي ڪِلڪ ڪريو.

اتي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ بيڪ اَپ تي ڪِلڪ ڪري ان کي اِن ايبل ڪيو. ائين ڪرڻ کانپوءِ اوهان کي بيڪ اَپ لاءِ هڪ پاس ورڊ داخل ڪرڻو پوندو.

جيڪڏهن اوهان پاس ورڊ وساري ويهو ۽ فون به گم ٿي وڃي ته پوءِ بيڪ اَپ ڊيٽا کي ريڪور ڪرڻ ۾ واٽس ايپ کان به مدد نه ملي سگهندي.

ان جو هڪ متبادل حل 64 لفنظن جي  ” انڪرپشن ڪي “ آهي جنهن کي ڪنهن به جاءِ تي محفوظ ڪري سگهجي ٿو.

لاسٽ سين ۽ آن لائين اسٽيٽس لڪايو

جيڪڏهن اوهان کي اِهو معلوم نه آهي ته ڄاڻي وٺو ته جڏهن ته به اوهان واٽس ايپ کي اوپن ڪندا آهيو ته اوهان جو نالي جي چيٽ اوپن ڪرڻ وري هر فرد کي پتو پئجي سگهي ٿو اوهان ڪنهن وقت آن لائين هئا يا آخري دفعو ڪڏهن آن لائين ٿيا هئا، پر اوهان مخصوص ماڻهن يا سمورن ڪانٽيڪش لسٽ تان واٽس ايپ ۾ لاسٽ سين ۽ آن لائين اسٽيٽس کي لڪائي سگهو ٿا.

ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ اوپن ڪري سيٽنگز ۾ وڃو ۽ اتي اڪائونٽس تي ڪلڪ ڪري پرائيوسي جي آپشن جي چونڊ ڪيو.

اتي لاسٽ سين اينڊ آن لائين تي ڪلڪ ڪيو، جتي اوهان کي ايوري ون، ماءِ ڪانٽيڪٽس، نو باڊي ۽ ماءِ ڪانٽيڪٽس ايڪسپٽ جا آپشنز نظر ايندا، جن مان اوهان پنهنجي پسند جي آپشن جي چونڊ ڪري سگهو ٿا.

ياد رهي ته جيڪڏهن لاسٽ سين ۽ آن لائين اسٽيٽس کي هر هڪ کان لڪائيندو ته اوهان به ٻين ماڻهن جا لاسٽ سين ۽ آن لائين اسٽيٽس نه ڏسي سگهندئو.

پروفائل فوٽو مخصوص ماڻهن کان لڪايو

هن فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ سيٽنگز ۾ پرائيوسي آپشن ۾ وڃو ۽ اتي پروفائيل فوٽو تي ڪِلڪ ڪيو.

ائين ڪرڻ کانپوءِ ماءِ ڪانٽيڪٽش ايڪسپٽ تي ڪِلڪ ڪريو انهن اڪائونٽس کي سليڪٽ ڪيو جن سان پروفائيل فوٽو شيئر نٿا ڪرڻ چاهيو.

پنهنجا اسٽيٽس مخصوص اڪائونٽس کان لڪايو

واٽس ايپ باءِ ڊيفالٽ اوهان جو اسٽيٽس سمورن اڪائونٽس کي نظر ايندو آهي پر اوهان اِهو مخصوص ڪانٽيڪٽس کان لڪائي سگهو ٿا.

ان لاءِ واٽس ايپ سيٽنگز ۾ پرائيويسي ۽ وري اسٽيٽس تي وڃو

اتي ماءِ ڪانٽيڪٽس ايڪسپٽ تي ڪِلڪ ڪري ان ڪانٽيڪٽس جي چونڊ ڪريو جن کان اسٽيٽس لڪائڻ چاهيو ٿا يا اوهان رڳو ڪجهه اڪائونٽس سان اسٽيٽس کي شيئر ڪرڻ واري آپشن جي چونڊ به ڪري سگهو ٿا.

ريڊ ريسيپٽس ڊي ايبل ڪيو

جيڪڏهن اوهان پيغام ڏسڻ کانپوءِ نظر ايندڙ بليو ٽِڪ کي گم ڪرڻ چاهيو ٿا سيٽنگز ۾ اڪائونٽ ۽ وري پرائيوسي ۾ وڃو ۽ اتي ريڊ ريسيپٽس واري باڪس تي موجود چيڪ کي ختم ڪري ڇڏيو.

اِهو ياد رکو ته ائين ڪرڻ کانپوءِ اوهان جڏهن پيغام پڙهندئو ته ٻين کي خبر نه پوندي، پر اوهان لاءِ به اِهو ڄاڻڻ ممڪن نه هوندو ته اوهان جي دوست ڪڏهن اوهان جو پيغام کي پڙهيو.

بائيو ميٽرڪ وارو فيچر استعمال ڪيو

اوهان پنهنجي واٽس ايپ اڪائونٽس کي بائيوميٽرڪ ( آڱرين جي نشانن ) سان به محفوظ ڪري سگهو ٿا.

ان فيچر لاءِ واٽس ايپ سيٽنگز ۾ پرائيويسي ۽ وري فنگر پرنٽ لاڪ جي آپشن ۾ وڃو.

ان آپشن ۾ اِن لاڪ ود فنگر پرنٽ واري آپشن کي ان ايبل ڪري ڇڏيو، ائين ڪرڻ کانپوءِ واٽس ايپ کي لاڪ ڪرڻ وارا ٽي آپشن يعني فوري، هڪ منٽ يا ٽيهه منٽ نظر ايندا، جن مان اوهان پنهنجي پسند جي وقت جي چونڊ ڪريو.

ٻين ماڻهن کي واٽس ايپ گروپن ۾ پاڻ کي ايڊ ڪرڻ کان روڪيو

هن فيچر لاءِ واٽس ايپ سيٽنگز ۾ پرائيوسي ۽ وري گروپس جي چونڊ ڪريو.

گروپن جي اندر ماءِ ڪانٽڪٽس تي ڪِلڪ ڪري ڪانٽيڪٽس جي چونڊ ڪيو.

جن ڪانٽيڪٽس جي چونڊ ڪندئو ته هو اوهان کي ڪنهن واٽس ايپ گروپ ۾ ايڊ نه ڪري سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.