موسميات کاتي سنڌ ۾ ٿڌ جي هڪ ٻي لهر کان خبردار ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ ۾ ٿڌ جي هڪ ٻي لهر کان خبردار ڪري ڇڏيو.

ڇنڇر ڏينهن ڪيل اڳڪٿي ۾ پاڪستان ميٽرولاجيڪل ڊپارٽمينٽ (پي ايم ڊي) چيو ته آچر کان ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف حصن ۾ ٿڌ جي هڪ ٻي لهر اچڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي چيو آهي ته حيدرآباد، بدين، ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ ايندڙ 5 ڏينهن تائين پارو 8 کان 6 ڊگري تائين ڪِرڻ جو امڪان آهي.

بيان موجب سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻي، قمبر – شهدادڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، ڄامشوري، دادو، خيرپور، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 4 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن دوران موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ ۽ سومر تي پارو 7 ڊگري تائين ڪِرڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.