اسرائيل سان لاڳاپن بابت سعودي عرب جو اهم بيان سامهون اچي ويو

 

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته فلسطين جي ٻه رياستي حل بنا اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي نه ايندا.

واضح رهي ته اسرائيل جي نئين چونڊيل وزيراعظم نيتن بن ياهو آمريڪا ۾ قومي سلامتي جي صلاحڪار جيڪ سليوان سان ڳالهه ٻولهه ۾ سعودي عرب سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.

اسرائيلي وزيراعظم آمريڪي قومي سلامتي بابت صلاحڪار سان يروشلم ۾ ملاقات ۾ چيو هو ته ٻين عرب ملڪن کانپوءِ هاڻ سعودي عرب سان به معاهدو ڪرڻ چاهيون ٿا.

ان تي ردعمل ڏيندي سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان چيو آهي ته لاڳاپا معمول تي اچڻ ۽ وچ اوڀر ۾ حقيقي استحڪام رڳو فلسطينين کي هڪ آزاد رياست ڏيڻ سان ئي ايندو.

ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم سان خطاب ۾ سعودي پرڏيهي وزير چيو ته اسان فلسطين جي ٻه رياستي حل جي پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهيون ۽ ان بنا اسرائيل سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.