حڪمران اقتدار جي نشي ۾ سنڌ جي وحدت جا انڪاري ٿي پيا آهن: صنعان قريشي

حيدرآباد( پ ر) جسقم مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي م ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،امجد خان مهيسر،ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ ،مومن سمون،ديدار شام،ڏاڏو اطهر سومرو چيو آهي ته سنڌ خلاف سازشون وڌي ويو آهن، قوم کي متحد ٿي جدوجهد جو ميدان سينگارڻو پوندو، هنن چيو ته 12 فيبروري تي نوشهروفيروز ۾ هٿرادو مهانگائي، بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي ڊجيٽل آدمشماري سميت سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سڀني سازشن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ سنڌ جي سمورن سڄڻن کي شريڪ ٿي سنڌ امڙ جو سڏ ورائڻ گهرجي، هنن چيو ته پيپلزپارٽي ڪراچي کي اقتدار جي ورھاست ۾ ٻه ڊويزن جون سازشون ڪري ڪراچي جي تاريخي حيثيت ۽ وحدانيت جي مخالف ڪئي آهي! وقت جا حڪمران اقتدار جي نشي ۾ سنڌ جي وحدانيت جا انڪاري ٿي پيا آهن، هنن چيو ته ڪراچي اقتدار خاطر گهڻو ڀوڳيو آهي، گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن! ڪراچي سنڌ جو تاريخي تخت گاھ آهي تنهن ڪري اقتدار جي رسا ڪشي ۾ ڪراچي کي انتظامي طور تي ٻه اڌ ڪرڻ نه ڏينداسين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.