ٽنڊو الهيار جي وارڊ نمبر 7تان ڪامياب ڄاڻايل اميدوار هارائي ويو

ٽنڊوالھيار ( رپورٽ : حسرت لغاري) نصرپور ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 7 تي تير جي نشان تي چونڊ وڙھندڙ پ پ پ اميدوار سيد تيمور  شاھ . ڊاڪٽر در محمد درس ۽ جازب شاھ سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي  اي آر او تي ووٽ خراب ڪري ھارائڻ جو الزام مڙهيو آھي سيد تيمور شاھ چيو ته اليڪشن جي رات ظاھر ڪري ڏنل سرڪاري نتيجن ۾ مون کي 433 ۽ مخالف آزاد اميدوار کي 408 ووٽ مليا ھئا ٻن ڏينھن بعد ٻيھر ڳڻپ بھاني منھنجي 34 ووٽن تي ڊبل ٺپا ھڻي ووٽ خراب ڪري ھارايو ويو آھي. جڏھن ته بيلٽ پيپرن جا لفافا پڻ کليل ھئا لفافو بيگ جي بجاء ٻاھر پيل ھو جنھن بعد مون تي منھنجي ھار وارن نتيجن کي قبول ڪري صحيح ڪرڻ لاء دٻاء وڌو ويو. ھن چيو ته اسين ذاتي طرح قانوني ويڙھ وڙھي رھيا آھيون پر پارٽي ان لاء ڪوبه تحرڪ نه ورتو آھي. آئون ٻيھر ڳڻپ جي نتيجن کي قبول نٿو ڪريان ۽ ھر طرح جي قانوني ويڙه ڪندس ان موقعي تي ڪامياب قرار ڏنل پينل جا اميدوار عبدالخالق گراڻو. اعجاز آرائين . رضا محمد ڪاڪيپوٽو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.