پني عاقل شهر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، چورين جون وارداتون وڌي ويون

پنوعاقل ( ت ر ) پنوعاقل شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي ، گذريل رات شهر ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ چوري جون ڪيتريون  ئي وارداتون پيش آيون آهن ، شهر جي سٽي ٿاڻي جي حد ۾ ايريگيشن ڪالوني مان نامعلوم چور شهري نياز پتافي جي گهر ۾ کاٽ هڻي ست ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿي ويا ، اطلاع تي پوليس دير سان پهتي، ڳوٺ در محمد ٿهيم ۾ چور سرڪاري اسڪول جا تالا ٽوڙي اسڪول ۾ پيل سامان ٻهاري ويا ، بائيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مولي ڏنو ڪلهوڙو ۾ به چور غلام حيدر ڪلهوڙي جي گهر ۾ گهڙي هڪ ڀلوڙ مينهن ڪاهي ويا آهن.

  • کپرو صحافي محبوب خان بابو جو وڏو ڀاءُ محمد اقبال دل جو دورو پوڻ سبب فوت

کپرو(ن ع آ ) کپرو پريس ڪلب جي نائب صدر سينئر صحافي محبوب خان بابو جي وڏي ڀاء واپڊا ملازم محمد اقبال خان کي دل جو دورو  پوڻ سبب وفات ڪري ويو مرحوم جي جنازي نماز قديمي قبرستان ۾ ادا ڪيو ويو مرحوم جي جنازي نماز ۾ پريس ڪلب کپرو جي صدر عبدالرزاق راجپوت , کپرو جي صحافين ساجد قائم خاني , مظفر سرفراز , الطاف حسين عرف راجو , نواب محمود قائم خاني , حاجي جعفر بوزدار سميت سماجي اڳواڻ دوست محمد منڱريو سميت شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي مرحوم کي قديمي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.