پي ايس ايل 8 جي شيڊيول جو اعلان، هي آءِ پي ايل کان وڏو برانڊ آهي: سيٺي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي پاڪستان سپر ليگ جي اٺين ايڊيشن جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نجم سيٺي چيو ته پاڪستان سپر ليگ آءِ پي ايل کان وڏو ٽي ٽوئنٽي برانڊ آهي، پي ايس ايل 8 جي افتتاحي تقريب ملتان ۾ ٿيندي، ليگ جون ميچون ٻن مرحلن ۾ ٿينديون، ميچون ملتان، ڪراچي، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ ٿينديون.

شيڊيول موجب پهرين ميچ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ 13 فيبروري تي ملتان ۾ کيڏي ويندي.

ايونٽ جي 34 ميچن مان 11 راولپنڊي، 9-9 ڪراچي ۽ لاهور، جڏهن ته 5 ميچون ملتان ۾ کيڏيون وينديون.

پاڪستان سپر ليگ جو فائنل 19 مارچ تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.

پي ايس ايل 8 جو مڪمل شيڊيول
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.