مڙس سان جهيڙو، عورت جون دانهون ڪوڪون، جهاز واپس ڪرائي ڇڏيائين !

قاهرا (ويب ڊيسڪ) قاهرا ايئرپورٽ تان سعودي عرب جي شهر جده ويندڙ جهاز تان هڪ عورت کي لاهڻو پئجي ويو.

عورت جهاز ۾ وڏيون دانهون ڪوڪون ۽ مجبور ٿي جهاز واپس ڪرڻو پيو.

فلاءِ عديل سان واڳيل پائليٽ مصري عورت مسافر جي دانهن تي حيران ٿي ويا، جهاز ٽيڪ آف ڪري چڪو ٿو ته زال مڙس سان خانداني مسئلن تي جهيڙو شروع ڪري ڏنو ۽ دانهون ڪرڻ لڳي.

اهو تڪرار فون تي هو ۽ مسئلو تڏهن ٿيو جڏهن سندس مڙس کي خبر پئي ته سندس زال جهاز ۾ وڃي رهي آهي، هن پنهنجي زال کي چيو ته تون جده ايئرپورٽ پهتين ته توکي ڪٽڪو ڏيندس.

اهو ٻڌي عورت گوڙ ڪيو ۽ ٿرٿلو مچائي ڇڏيائين ته کيس واپس وڃڻو آهي ۽ کيس هوائي جهاز مان لاٿو وڃي.

عورت جي حالت ايتري خراب ٿي وئي جو جهاز کس واپس ڪرڻو پيو ۽ کيس جهاز تان لاٿو ويو. عورت کي لاهڻ جي ڪري جهاز کي 45 منٽ دير ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.