شادي پلي (ن ع آ) آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي اپيل تي پٿورو ۾ به واپڊا ملازمن آفيس کي تالا هڻي ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي، احتجاج ڪندڙن ”واپڊا جي نجڪاري نامنظور نامنظور“ جا نعرا هنيا. ان موقعي تي يونين چيئرمين محمد رمضان ساند، عبدالرئوف ڀنڀرو ۽ ٻين چيو ته واپڊا جي نجڪاري کي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين، واپڊا جي نجڪاري هزارين ملازمن جي معاشي قتل جي برابر آهي. هن مطالبو ڪيو ته واپڊا جي نجڪاري کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.