حيدرآباد جي تعلقي ٻهراڙي ۾ 50 جي لڳ ڀڳ اسڪول بند پيل

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ نوان استاد ڀرتي ڪرڻ باوجود 50 جي لڳ ڀڳ پرائمري اسڪول اڃا تائين بند پيل، هلندڙ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استادن ۽ ٻي عملي جي کوٽ برقرار آهي، اسڪولن جون عمارتون زبون حالي جو شڪار آهن. تعليم کاتي پاران سڄي سنڌ ۾ بند پيل اسڪولن کي ٻيهر کولرائڻ ۽ استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ آئي بي اي سکر ذريعي نوان استاد ڀرتي ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته بند پيل اسڪولن واري معاملي جي جاچ ۽ انهن کي ٻيهر کولرائڻ جي لاءِ تازو ئي تعليم کاتي هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا سڄي سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن کي ٻيهر کولرائڻ جون تجويزون ڏيندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي عملدارن حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ بند پيل اسڪولن جا دورا ڪري صورتحال جو جائزو وٺڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب تعلقي ۾ 50 جي لڳ ڀڳ پرائمري اسڪول اڃا تائين بند آهن، جڏهن ته 70 جي لڳ ڀڳ اهڙا اسڪول هلندڙ آهن جتي استادن ۽ ٻي عملي جي کوٽ آهي، اهڙي طرح تعلقي جي ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون پڻ زبون حالي جو شڪار آهن. تعليم کاتي پاران سنڌ ۾ آئي بي اي سکر ذريعي نوان استاد ڀرتي ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ آهي، تعلقي ٻهراڙي ۾ به نوان استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن، پر ٻڌايو پيو وڃي ته تعلقي ۾ اڃا تائين 300 کان وڌيڪ استادن جي کوٽ آهي، پر استادن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي ڀرتي جو سلسلو سست رفتاري جو شڪار آهي، جنهن ڪري نه اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ پوري ٿي سگهي آهي نه ئي ٽيسٽ پاس اميدوارن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ٿي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.