ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عامر لياقت جون نازيبا وڊيوز وائرل ڪرڻ جي ڪيس ۾ دانيا بي بي تي 26 جون تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي.
ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ عامر لياقت جي نازيبا وديوز وائرل ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ايف آءِ اي طرفان عدالت ۾ پيش ڪيس جو چالان جمع ٿي چڪو آهي.
عدالت دانيا بي بي کي چالان جي نقل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، دانيا بي بي عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آهي.