لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته ٽن مهينن ۾ چونڊون ٿينديون، ان بابت شيون اڃا پردي پٺيان مذاڪراتي اسٽيج تي آهن، هن ڀيري اليڪشن جنرل ئي ٿيندي، هن چيو ته انهن بيوقوفن کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري رهيو آهي، الله نه ڪري ڪٿي سريلنڪا جهڙي صورتحال نه ٿي وڃي، هن چيو ته اهڙي صورتحال کان بچائڻ لاءِ سمورا حلقا مٿا ملائي ويٺا آهن ۽ اهي ئي فيصلا ڪري رهيا آهن اڄڪلهه،