جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائڻ به ڏوھ بڻجي ويو آهي: اسلم خيرپوري

ميرپوربٺورو( رپورٽ: امتياز علي سومرو ) ميرپوربٺورو ۾ گذريل ڏينهن سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تقريب دوران سن شهر   ۾ قومپرست  تنظيمن جي ڪارڪنن مٿان رياستي ادارن ۽ پوليس اهلڪارن پاران ڪيل لٺ بازي ۽ فائرنگ واري واقعي خلاف ميرپوربٺورو ۾ جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، انهي موقعي تي جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري، عبدالغفور چانگ ۽ الطاف چانگ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  سن جي پرامن سرزمين تي گذريل ڏينهن رياستي ادارن پاران ڪيل ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي هنن چيو ته پرامن قومي ڪارڪنن مٿان سڌي فائرنگ ڪري کين زخمي ڪيو ويو آهي جيڪو ناقابل برداشت عمل آهي، هنن چيو ته جي ايم سيد جي سالگره ملهائڻ به ڏوھ بڻجي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.