سيد جي سالگرهه تي تشدد خلاف سن ۾ هڙتال، ڪيس داخل،3 ڪارڪنن جي گرفتاري ظاهر

ڪراچي/حيدرآباد /سکر (نمائندن وٽان) سن ۾ فائرنگ ۽ پوليس وين ساڙڻ واري واقعي جو وڏا ڇڇر ٿاڻي جي پوليس 15 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو. ايف آءِ آر ۾ 3 سڃاتل ۽ 12 اڻڄاتل ماڻهو جوابدار نامزد ڪيا ويا.پوليس ٽن ڄڻن شبير جمالي، نياز منگي ۽ احسن ميمڻ جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، پوليس ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ته سن ۾ بندش پيل تنظيم جي ڪارڪنن ملڪ خلاف نعري بازي ڪئي، ٻي ڌر طرفان روڪڻ تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي، بندش پيل تنظيم جي ڪارڪنن پسٽل سان فائر ڪيو، جنهن بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، مڇريل ماڻهن پوليس وين کي باهه ڏئي ساڙيو، ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ٻين جوابدارن جي گرفتارن لاءِ ڇاپا جاري آهن.هوڏانهن سن ۾ فائرنگ واري واقعي خلاف ايس يو پي ۽ جسقم جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جڏهن ته سن ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڪارڪن توڙي شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.ملير ۾ الطاف سولنگي، رشيد کوسو، ضمير زهراڻي ۽ روشن ميراڻي جي اڳواڻي ۾ جسقم آريسر جي ڪارڪنن سن واقعي ۽ سنڌ مان قومي ڪارڪنن کي کنڀڻ خلاف ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. سکر ۾ عيدن جاگيراڻي، سراج ڊوگر،  حسيب جوڻيجو،  فدا سنڌي،  عمران سامٽيو  يامين ميراڻي ۽  نجم ڊوگر جي اڳواڻي ۾ايس يو پي ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو .نواب شاهه ۾ جسقم، جساف، ايس يو پي، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن علي رضا خاصخيلي، ڪاشف لاکو، مجيب ماڇي، شبير جمالي، ايڊووڪيٽ سچل مجيب ماڇي، ذوالفقار جوکيو، گل حسن رند ۽ نويد ڇٽو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.دادو ۾ ساجد پنهور، امتياز عمراڻي، منٺار ٻٻر، شهباز پنهور جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي جي ڪارڪنن پارٽي جا جھنڊا کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.لاڙڪاڻي ۾ايس يو پي، ايس يو پي اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ ليديز فرنٽ جي ڪارڪنن سن ۾ پيش آيل واقعي خلاف رئيس ڪريم چانڊيو، شيبا مغل، ڊاڪٽر مظهر مغل، طالب مغل، خورشيد ڪيهر، منظور شيخ، بشير شيخ، صدر ڀٽي، فهد عباسي، شفيق ملاح، جي ايم گهانگهرو، صالح جوڻيجو، رياض خان جتوئي، منظور ڪلهوڙو، شهزادو سومرو جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. هوڏانهن ڄامشورو، ڀان سيد آباد، جوهي، گاجي کهاوڙ، ڍورو نارو، مورو ۽ ٺارو شاهه ۾ به ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا. مظاهرين سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرا جي موقعي تي فائرنگ ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾مذمت ڪئي.اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار بوکلاهٽ جو شڪار ٿي پرامن سياسي ڪارڪنن ۽ نياڻين تي پوليس ۽ رينجرز جي ذريعي گوليون هلائي عورتن مٿان لاٺي چارج ڪئي جنهن عمل جي اسين سخت مذمت ٿا ڪريون. هنن چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرهه کان اڳ قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ کنڀي گم ڪيو ويو پر ان جي باوجود سائين جي ايم سيد جا پيروڪار عدم تشدد جو رستو اختيار ڪري پرامن طريقي سان سن پهتا ۽ سالگرهه به ملهائي. هنن چيو ته سنڌ سرڪار رياستي ڏاڍ جو مظاهرو ڪري اسان کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر اسين کين ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اهڙي قسم جون حرڪتون بند ٿيڻ گهرجن. هنن مطالبو ڪيو ته سن ۾ پيش آيل واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت حڪمرانن جو گهيراءُ ڪرڻ سان گڏ انهن جي رستا روڪ ڪئي ويندي. ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سليم مڱريو، جنرل سيڪريٽري عامر وڙائچ، ڪراچي بار  جي صدر عامر سليم، نائب صدر ممتاز مهدي، جنرل سيڪريٽري وقار عالم عباسي، عابد جتوئي ۽ ملير بار جي صدر رائو زاهد علي سن ۾ر يلي تي پوليس ۽ رينجرز  جي حملي جي سخت لفظن ۾مذمت ڪئي ۽ مطالبو ته واقعي جي انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.