ملير ۾لاڙڪاڻو واسي نوجوان ڳلو ڪپي قتل

ملير (ڊ ر) ملير ۾ لاڙڪاڻو واسي نوجوان کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو.بن قاسم ٿاڻي جي حد يوسي پپري جي الله بخش حمائتي ڳوٺ ۾ هڪ گهر مان  لاڙڪاڻو واسي 35 ورهين جي صغير احمد پٽ غلام شبير جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو. پوليس واقعي واري هنڌ تان لاش تحويل ۾وٺي جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. مقتول صغير احمد جي سهري غلام نبي بگٽي صحافين کي ٻڌايو ته گهر ۾ دانهون ۽ ڪوڪون ٿيڻ تي هو موقعي تي پهتو ته ڪمري جي لائٽ بند هئي، لائٽ کولڻ تي کٽ تي ڳلي ۾ رسي پيل ۽ ڇرين سان ڳلو ڪپيل صغير احمد جو لاش پيل هو، فوري طور تيپوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس موقعي تي پهچي گهر جي تلاشي ورتي، ان دوران گهر جي واش روم ۾ لڪل ظفر عرف راجا کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ظفر عرف راجا بگٽي پوليس آڏو صغير کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو جڏهن ته ته پوليس واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪري ورتو. ٻئي طرف قتل ٿيل صغير احمد جي والد شبير بگٽي ۽ سهري غلام نبي بگٽي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي بي دردي سان بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، قاتل کي سخت سزا ڏئي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.