سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ حڪومت دوران نيب آرڊيننس سان بري ۽ فائدو کڻندڙن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

اسلام آباد(بيورو+اي پي پي)سپريم ڪورٽ عمران خان جي حڪومت دوران نيب آرڊيننس سان بري فائدو کڻندڙن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي  ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني خصوصي بينچ اربع ڏينهن هتي نيب ترميم ڪيس خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ عمران خان جي حڪومتي دور ۾ نيب آرڊيننس مان بري ۽ فائدو کڻندڙن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هي هڪ حقيقيت آهي ته نيب ترميمن کانپوءِ 386 ڪيس احتساب عدالتن مان واپس ٿيا آهن، وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته واپس ڪيل 386 ڪيسن مان ڪيترا پارليامينٽ جا ميمبر هئا، هن چيو ته معزز عدالت اهو پڇاڻو به ڪري سگهي ٿي ته تحريڪ انصاف جي ساڍا ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ 5 نيب آرڊيننس آندا ويا ۽ ان وقت ڪيترا نيب ريفرنس واپس ٿيا ۽ ڪيترا ماڻهو بري ٿيا هئا. هن وڌيڪ چيو ته عدالت اهو به سوال ڪري ته تحريڪ انصاف جي آرڊيننسز سان بري ٿيندڙ جوابدارن ۾ ڪير ڪير شامل آهي. جسٽس سيد منصور علي شاهه ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن نيب کي ختم به ڪيو وڃي ته ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ٻيا قانون ته موجود آهن. هن چيو ته ائين چوڻ درست نه آهي ته نيب ڪيسز مان بري ٿيندڙ صاف شفاف ٿي گهر هليا ويندا آهن، هن وڌيڪ چيو ته اهو درست تاثر نه آهي ته نيب جي ختم ٿيڻ سان قانون جي گرفت به ختم ٿي ويندي. جسٽس اعجاز الاحسن وڌيڪ چيو ته نيب قانون ۾ تازي ترميم تمام وڏي ايمنسٽي آهي ۽ اها عجيب ڳالهه آهي، هن آبزرويشن ڏني ته مون کي اهوبه معلوم آهي ته نيب قانونن کانسواءِ ٻيا قانون به موجود آهن ۽ جيڪڏهن احتساب عدالت ڏوهه کان بري ڪري ته ملزم گهر ئي ويندو. هن چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران منهنجي طرفان ڪيل سوال عارضي نوعيت جا آهن، ان کانپوءِ سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي اڄ 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.