راڻيپور ۾ واپاري جي گهر مان لکين رپين جي چوري

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور جي گلاب شاهه محلا ۾ ڪرياني  جي واپاري عبدالقيوم خواجه جي گهر ۾ رات جي اونداهي ۾ چور داخل ٿي الماڙين جا تالا ٽوڙي سندس گهر مان 1.5 تولو سون هڪ لک پنجٽيھ هزار روڪ چار ڪمبل گهرو ڪپڙا چوري ڪري ويا، گھر جي مالڪ عبدالقيوم خواجه راڻيپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، راڻيپور پوليس ڪابه اڳڀرائي نه ڪري  سگهي، راڻيپور جي واپارين ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي، واپارين جو چوڻ هو ته راڻيپور پوليس اگھور ۾ آهي راڻيپور جا شهري ۽ واپاري سخت پريشان آهن، چوريون ڦرون روز جو معمول آهن هنن ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو کان گهر ڪئي ته شهر ۾ امن امان ڪرائي واپارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.