دريا خان مري لڳ موٽر سائيڪل تان ڪري نوجوان فوت

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان مھراڻ ھاءِ وي تي منگياموري اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل جي ٽائر ۾ لوئي ڦاسڻ سبب ڳوٺ رجب  خاصخيلي واسي 25 ورهين جو نوجوان اسماعيل خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمي ٿيل نوجوان گھڻو رت وھڻ ۽ دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ،نوجوان اسماعيل خاصخيلي جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو فوتي نوجوان شادي شده ھو فوتي کي ھڪ پٽ ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد ھيو فوتي نوجوان رڪشا ھلائي گذر سفر ڪندو ھيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.