ڪنِڊياري لڳ ٽن سالن شگر ۾ مبتلا، اکين جو نور وڃائي ويٺو

ڪنڊياري (ن ع آ) ڪنڊياري لڳ دلشاد شاخ ڀرسان ڳوٺ محمد ھاشم منڱريو جو رھواسي پيرسن پورھيت ستر ورھين جي ڄمار جو الھبچايو  منڱريو گذريل ٽن سالن کان شگر جي مرض ۾ مبتلا ھجڻ ڪري اکين جي نور کان محروم ٿي ويو شگر  جي مرض سبب سندس ساڄو پير به خراب ٿي چڪو آهي جنهن ڪري سانگھڙ ميرپورخاص جي ڊاڪٽرن پاران پيرسن جي ٽنگ ڪٽڻ جو مشھورو ڏنو آهي ان موقعي تي اکين کان نابين پيرسن عوامي آواز کي ٻڌايو ته ڳوٺ جون ٻڪريون چاري گھر جو گاڏو ھلائيندو ھيس اکين ۽ پير جي معذوري سبب کٽ تي لاچار پيو آھيان بيماري سبب گهر جي چلھ ٻرڻ مشڪل بڻيل آهي ٻن پٽن مان ھڪ گڏھ گاڏي ۽ ٻيو ڳوٺ جون ٻڪريون چاري گهر جو گاڏو ھلائن ٿا پيرسن ڊي سي سانگھڙ تڪ جي چونڊيل نمائيندن وفاقي وزير شازيا عطامري ايم پي اي ڄام شبير علي سميت وس وارن کان علاج لاِ  مدد جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.