شھدادڪوٽ ٻن ڪارن ۾ ٽڪر، هڪ فوت، 4 زخمي، لاڙڪاڻي منقل

شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ويجهو ٻن تيز رفتار ڪارن ۾ آمھون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ اوستا محمد جو رھواسينوجوان فوت، سندس گھر واري ۽ 3 ٻار زخمي ٿي پيا، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڌنڱ   لاڙي وٽ رتوديرو موٽر وي روڊ تي ٻن تيز رفتار ڪارن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ بلوچستان جي شھر اوستا محمد جو رھواسي 35 ورھين جو دليپ ڪمار ٿڏي تي فوت ٿي ويو، سندس گھرواري ۽ ٽي ٻار پڻ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ھندو فيملي ڪار ۾ اوستا محمد کان لاڙڪاڻي وڃي رھي ھئي ته رستي ۾ ساڻن حادثو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.