قبله مخدوم طالب الموليٰ جن جو صحافي حاجي محمود هالائي سان لاڳاپو

تحرير: قائم سولنگي

سنڌ واسين لاءِ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ ڏاهپ ۽ دوست نوازي جو اهڙو اُهڃاڻ هو. جنهن جي جيتري پذيرائي ڪجي سا گهٽ آهي. مخدوم صاحب جو ڪردار علم و ادب توڙي انساني همدردي جي ريت کي تاريخ مان ڪڏهن به ميساري نٿو سگهجي.

هفتيوار ”همدرد“ اخبار جو باني حاجي محمود هالائي جڏهن به ميرپورخاص کان هالا ويندو هو ته سائين مخدوم صاحب جن جي تاڪيد موجب ته پاڻ هالا اچڻ تي وٽن ضرور ڪچهري لاءِ اچن پوءِ پنهنجي ننڍي فرزند رياض حسين کي گڏ وٺي ويندو رهندو هو. موجوده هالا پرنٽنگ پريس جي قيام جو يادگار حوالو اهو به آهي ته هڪ ڀيري مخدوم صاحب ڪچهري ڪندي هالائي صاحب کي مشورو ڏنو ته پاڻ هڪڙي پريس هالا نوان شهر ۾ کولي ته جيئن هتان جي ماڻهن کي سهوليت ٿئي پر هن مجبوري ڏيکاري ته وٽس اُن لاءِ ڪو به پلاٽ يا دڪان ڪونهي جنهن تي مخدوم صاحب اجازت ڏيندي چيس ته درگاهه روڊ تي ايجوڪيشن آفيس جي ٻاهر ڪارنر تي خالي پيل ڀانڊو حاضر آهي. جتي وڃي پريس کول. بعد ۾ هن تيزي سان پرنٽنگ پريس سجائي ورتي  ۽ مخدوم صاحب جي پسند مطابق نالو به هالا پرنٽنگ پريس رکيو ويو ۽ بعد پاڻ ئي پنهنجي هٿن سان افتتاح ڪرڻ آيا، تڏهن حاجي صاحب پريس اندر پنهنجي سڀني پُٽن کي مخلتف مشينن تي بيهاريو جڏهن معائنو ڪرڻ لڳا ته حاجي صاحب جي فرزند رياض ميمڻ جيڪو قد ۾ ننڍو هو گلن جو هار پارائڻ اڳتي وڌيو ته مخدوم صاحب پيار ۽ پاٻوهه سان ٿورو جهڪي پنهنجي هٿن سان پاڻ هار پائي ورتائون ۽ کلندي هالائي صاحب کي چيائين ته هن ننڍڙي اڄ مونکي به جهڪائي ڇڏيو، تنهن تي ٽهڪڙو مچي ويو. ياد رهي ته اُن افتتاح ۾ موجوده گادي نشين ورتائون  جناب مخدوم جميل الزمان صاحب پڻ موجود هئا.

هڪ ڀيري فلمساز اسماعيل بن واصف کي فلم ‘‘محبت ۽ مذهب’’ لاءِ مخدوم طالب الموليٰ جي هڪ ڪلام ‘‘اڱڻ ٻُهاريان تنهنجون واٽون نهاريان ’’ جي گُهرج هئي جنهن لاءِ هن هالائي صاحب کان خط ورتو ۽ محمد رفيق ميمڻ کي گڏ وٺي هالا ۾ سائين جن تائين پهتو، مخدوم صاحب چيو ته انهيءَ ڪلامن جا حقوق شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني وٽ محفوظ آهن، پر اوهان حاجي صاحب جو خط آندو آهي، هڪ ڪلام ته ڇا سڄي ڪيسٽ فلم ۾ استعمال ڪري سگهو ٿا پوءِ هن ‘‘اڱڻ ٻُهاريان (ٻول)  ۽ ٻيو ‘‘سڪندي سال ٿيا، ويندس نيٺ مري’’ پسند ڪيا ۽ اُنهن جي شوٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿي ۽ هڪ ڪلام جيڪو فلم ۾ سين مطابق هو جيڪو مخدوم محمد امين فهيم جو غزل (ٿيندو رهيس پُراڻو محبت ڪري ڪري،

پٿر جو بُت بڻيس عبادت ڪندي ڪندي) جي شوٽنگ شڪارپور ۾ ٿي سين اهو هو ته.

حاجي صاحب حياتيءَ جي آخري ايامن ۾ پنهنجي هالا واري گهر ۾ پُهتو تن ڏينهن قبله مخدوم صاحب جن پڻ عليل هئا ۽ ڪيتري عرصي کان سياسي ۽ ادبي سرگرميون ترڪ ڪري صاحب، فراش هئا، جڏهن هالائي صاحب جي 30 آڪٽوبر 1983 تي رحلت ٿي ته مخدوم صاحب کي بيحد رنج پهتو ۽ ٻي ڏينهن هالائي صاحب جي فرزند ن کي نياپو ڪيائون ته علالت سبب تعزيتي رسم ۾ شريڪ ٿيڻ کان قاصر آهيان ۽ چورايائون ته سڀاڻ اٿاس بنگلي تي سندن ميزباني ۾ هالائي مرحوم جي ياد ۾ تعزيتي نشست رکن پيا. اُن ۾ سندس وارث شرڪت ڪن جو پوءِ ڪامريڊ غلام حسين سومرو، الهبچايو ميمڻ، هالائي جا هالا نوان ۾ رهندڙ فرزند ۽ پڻ ميرپورخاص مان حبيب الله ميمڻ ۽ عاشق حسين ميمڻ شرڪت ڪئي هئي اُن ڏينهن حاجي مرحوم جو ڀائٽيو انور حسين ميمڻ ‘‘سَن’’ ويل هو جنهن هٿان سائين جي ايم سيد تعزيتي پيغام لکي موڪليو ته آءُ هن موقعي تي پاڻ کي شامل ڪري يوسف جي خريدارن سان گڏ آهيان. ٻئي ڏينهن جڏهن خبر شايع ٿي ته روزنامه جنگ جو چيف ايڊيٽر مير خليل الرحمان اخبار ۾ ايڊيٽوريل لکيو ته ڪافي عرصي کانپوءِ مخدوم آف هالا پاڻ وٽ صحافي حاجي محمود هالائي جو تعزيتي اجلاس منعقد ڪري هن پنهنجي طويل سياسي ۽ ادبي خاموشي کي ٽوڙيو آهي.

هڪ يادگيري به عرض ڪريان ته جڏهن مخدوم سعيد الزمان 85/84 ۾ هالا جا چيئرمين هئا، تڏهن سندن صدارت ۾ جيم خانه ڪلب ۾ مرحوم حاجي صاحب جي (ورسي) تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر اطلاعات اين ڊي جتوئي پڻ اعزازي مهمان طور شريڪ هو. آءُ (راقم الحروف) ميرپورخاص مان هالائي مرحوم جي وڏي فرزند حبيب الله ميمڻ سان شرڪت لاءِ حاضر ٿيس منهنجي خوش نصيبي جو اُن يادگار نست جي ڪمپيئرنگ لاءِ پروگرام آرگنائيزر يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت جي الهه بچايو ميمڻ مونکي موقعو ڏنو اُن ۾ تجويز آئي ته مرحوم حاجي صاحب جي نالي شهر هالا ۾ ڪنهن لائبريري پارڪ، گيٽ يا روڊ جو نالو منسوب ڪيو وڃي بعد سڀني جي تائيد سان مخدوم سعيد الزمان عاطف. (ڪورٽ واري روڊ جو حاجي محمود هالائي روڊ اعلان ڪيو.

هالائي مرحوم کان اڳ به سندس خاندان حضرت غوث الحق سرور نوح رح جي گادي ءَ سان عقيدت رکندڙ رهيو آهي سندس والد حاجي اسحاق هالائي جنهن جو ننڊڙو هوٽل هوندو هو انڪري نانوائي سڏيا ويا، اڄ کان 65 سال اڳ هن پُخته مشق، گوشه نشين شاعر 1958 ۾ شاعريءَ جي بياض ‘‘نواءِ فراق’’ ۾ مخدوم پروڄام ۽ مخدوم محمد زمان (اول) جن جي شان ۾ عقيدت جو اظهار طويل نظمن ۾ ڪيو آهي نموني طور قصيدي جون سٽون.

‘‘سخي پير سرور، پرو ڄام پيارو’

غريبن يتيمن جڏن جو جيارو

حسن خلق جو کيس اعليٰ عطا هو،

عقل علم جو در ڀلو بي بها هو،

سڀن ريت سهڻو سندس هو ستارو

نسل نوح نرمل سندو نيڪ نُوري

شريعت سان شامل سنديس پرت پُوري

دلاور  سندو دين احسن اجارو.

هُجي آل اولاد آباد انجو،

مٿي عام ارشاد امداد اُن جو

رهي شامل قائم هي نعمت نظارو

اهڙي طرح مخدوم محمد زمان (اول) جن جي پاڻ ۾ ڪافي لکي اٿس ته

اسان جو سرور هو سلطان، جنهن کي ساري جڳ جهان.

محمد زمان پير جو آهي عالم ۾ ارمان

هادي هالن شهر سندو سو ڪامل هو ڪلان.

آءُ انهيءَ در جو بيشڪ ڀٽ ۽ ڀانُ

چئي اسحاق انهين لئه هردم دل حيران

رويو چويو سڀن سڻايان دردن جو ديوان.

اسان جو سرور هو سلطان

شاعر اسحاق نانوائي ميمڻ جي جزبات ۽ طبع جي جولان جو اندازو سندس نظمن مان ڪري سگهجي ٿو. مضمون جي طوالت کان پاسو ڪندي هالائي مرحوم جو صوبائي اليڪشن ۾ بيهڻ ۽ قبله مخدوم طالب الموليٰ جن جي کين حمايت ۽ پڻ هالا پريس ۽ همدرد اخبار کي ڇپائي جو ڪم ڏئي مدد فرمائڻ ننڍڙو مثال ته پ پ پ جي پهرين اقتداري دور ۾ مخدوم صاحب صحافي نور سنڌيءَ کي اطلاعات کاتي ۾ ملازمت جو آرڊر ڏيڻ ٿي چاهيو جنهن لاءِ هُن معذرت ڪندي پنهنجي هڪ دوست شفيق حسين ميمڻ جو نالو ڏنو بعد مرحوم هالائيءَ جي انهيءَ  فرزند کي نوڪري ملي جيڪو کاتي ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي اهڙي طرح هالائي صاحب جو ٻيو فرزند مشتاق علي جنهن کي مخدوم صاحب جن اڪثر سفر ۾ فوٽو گرافر طور وٺي ويندا هئا. هينئر به هالائي مرحوم جي ڪاوش، هالا پرنٽنگ پريس سندس فرزند محمد سليم ميمڻ ۽ ميرپورخاص ۾ همدرد پرنٽنگ پريس گلزار حسين ميمڻ سنڀالي پيو.

مطلب ته قبله مخدوم طالب الموليٰ هميشه دوستن تي وڙڪندڙ پاڙيسرين جي پر گهور لهندڙ ۽ اَڀرن تي احسان ڪندڙ، دورانديش شخصيت جا مالڪ هئا، اڄ دور ۾ اڪثر انسان پنهنجي شخصيت، پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ سان نٿو ٺاهي پر دولت، اقتدار ۽ ٻاهرين ٺاهه ٺوهه سان ٿو سنواري ٻي پاسي اسانجي معاشرتي پستي، انساني قدرن جو فقدان ذهي پريشانين ۽ ڪوُڙن ويساهن جو بنياد دولت پرستيءَ جو حوص آهي حضرت سرور نوح جي گادي جي انمول انسان مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جن جي ورسيءَ جي موقعي تي سروري مئگزين جي يادگار اشاعت سان نئون نسل پنهنجي مشاهيرن ڏانهن توجه ڏيئي سگهندو.  ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته سندن شخصيت ۽ دانائي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پيش ڪيو وڃي ته دنيا تائين اها ڄاڻ پهچي سگهي ته سنڌ ڪهڙا ڪهڙا بي مثل ماڻهو پيدا ڪيا آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.