شهري سياست جي نون نيکٽن ڇا ڏنو 

تحرير: رياض ابڙو 

ڪراچيءَ شهر جي سياست به ڪو فٽ بال آهي،  واري واري جي راند آهي جنهن ۾ هر پارٽي پنهنجي پنهنجي واري جو انتظار ٿي ڪري،  مصلحتن اهي هڪٻئي کي اسٽروڪ ٺاهي ٿا ڏين ته هاڻي اهي اچي پنهنجا ڪرتوت ظاهر ڪن، پاڻ نروار ڪن، ماڻهن جي اعتماد سان کيڏن ۽ ڪنهن به طريقي اهي پنهنجي سياسي رڳ ظاهر ڪن،  اهي اهو ڪن جيڪو اهي اصل ۾ آهن مثال جي ايم ڪيو ايم جيڪڏهن مٿي چڙهي ٿي اچي ته اهي اهو ئي ڪن ٿا جيڪي اهي ڪرڻ ٿا گهرن ان ڪري ته 2010 تائين اها ڳالھه  ڏٺي وئي ته انهن ايم ڪيو ايم جي ٽولي پنهنجي مڃرائي.

لياري جي آپريشن کان وٺي،  2010 کان اڳ مشرف جي طاقت واري دور ۾ 12 مئي جو واقعو،  اهڙا ڪي ئي متعدد واقعا جهڙوڪ بلديا فيڪٽري وارو واقعو ڪرائي اهو ثابت ڪين ته هر ٻئي ٽئي سال هي اهڙو ته ڪرتب ڏيکاريندا آهن جو فلمي سين به وسري وڃن، ساڳي طرح اها ڳالھه  به چئي سگهجي ٿي ته جماعت اسلامي جي ڪجھه  سيٽن کٽڻ سان وري مذهبي شدت پسندي کي چاڙھ ٿو ملي،  جنهن رات بلدياتي چونڊن جي اعلان واري ڳالھه  سامهون آئي،  سرڪاري نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا ته سمجهھ ۾ آيو ته ايم ڪيو ايم ڄڻ سوچي سمجهي وڏي سياڻپ وارو ڪم ڪيو ان ڪري انهن جي لوڪل شناخت ختم ٿي وئي آهي،  ايم ڪيو ايم جي ڳالھه  1988 کان 2010 تائين واري ناهي رهي جو ڪن پن به انهن جي حڪم سان چرندو هيو،  لنڊن مان هڪ ڪال اچي ته ته سڀ ٽوليون ٺاهي تقرير ٻڌندا هيا پوءِ ان ۾ اينٽي اسٽيٽ تقريرون هجن،  اسٽبلشمينٽ جي لاءِ للڪار هجي،  سنڌين کي ڌمڪيون هجن پر سڀ من ۽ عن ٻڌندا ۽ سمجهندا ۽ عمل به ڪندا هيا جو ڪنهن جي مجال نه هوندي هئي ته اهي ڪنهن قرباني جي عيد جي ڪنهن جانور جي ڪا کل به ڪنهن کي بنا ٻڌائي ڏين نه ته انهن جي کل لهي ويندي هئي پر تڏهن ممڪن هيو ته اهي بيلٽ باڪس ڀري به ڪورٽن ۾ پڄي پنهنجي جيت ممڪن ڪند هيا،  شناختي ڪارڊ گهر جي در تان وٺي وري ايمانداريءَ سان بي ايماني ڪري وري موٽائي به ڏيندا هيا،  جتي نه پڄي سگهندا هيا اتي رڳو ووٽن جي اڳواٽ پرچي ڪٽرائي ڏيندا هيا. اشاري ۽ مام ۾ سمجهائي ويندا هيا ته ووٽ ڪنهن ٻئي کي  نه ڏجو، پر هاڻي اهي وڻ به ويا ته وٿاڻ به ويا.

ان ڪري ايم ڪيو ايم هن ڀيري سوچي سمجهي هڙتال ڪئي ته ڀلي ڪير به اچي هي ايم ڪيو ايم ٽولي وارا انهن جي ڪم ۾ رڪاوٽون وجهندا انهن کي ڪم ڪرڻ نه ڏيندا، لسانيت کي هوا ڏيندا رهندا، شناختي ڪارڊن کان وٺي قومي، صوبائي ۽ بلدياتي ادارن ۾ نوڪرين ۽ ملازمن جي بدلين ۽ انهن جي ڪارڪردگي تي سوال ٿاٿريندا رهندا،  جيڪو به ڪم ڪندو ان جي مٿان ڏنڊو کڻي بيهندا ته اهو ڪم صحيح ناهي،  ايم ڪيو ايم جي مرضيءَ سان ڪم ڪيو ان ڪري اهڙي طريقي اهي پنهنجي اک ٻيهر بحال ڪندا،  اهو به آهي ته اهي ٻيهر تنظيم ڪاري ڪندا جن ۾ اهي ئي متحرڪ سڪيٽر انچارج ٽرينڊ ڪندا جيڪي هڪ اشاري تي اهي ڪم ڪري ڏيکاريندا جيڪي پهرين،  2010 کان اڳ ٿيندا هيا،  انهن جي تنظيم سازي ۾ اهو به آهي ته اهي ماڻهن جي ٻيهر شموليت،  داخلا ڪندا ته اهي هاڻي به ايم ڪيو ايم کي ايترو چاهن ٿا جيترو 2010 کان اڳ چاهيندا هيا ان ڪري جهنڊا، لغڙيون، پينافليڪس، چاڪنگ، نعرا، نفرتون، ڪارنر گڏجاڻيون،  تحريڪ جون ڳالهيون تڏهن ممڪن ٿي سگهن ٿيون جڏهن اهي سڀ نمونا نخرا ممڪن ڪري سگهجن پر اهي به تڏهن ٿي سگهن ٿا جڏهن پارٽيءَ جو پنهنجو ڪو مضبوط اڪائونٽ،  ڌنڌو،  ڪو رزوگار هجي،  جيڪي اثاثا پارٽي پنهنجي ليکي ڄاڻائي ته انهن جي پارٽيءَ جي اڪائونٽ ۾ هيترا لک، ڪروڙ،  ارب روپيا پيا آهن جيڪي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وٽ جمع ڪرائڻا پوندا آهن معنيٰ اهي ڪاڳر پٽَ جن مان ثابت ٿئي ته پارٽي ڪنهن به ڀتاخوري، چندي، فارين فنڊنگ، لوڪل پٽَ سٽَ تي نه ٿي هلي پر ان جي پارٽيءَ جي اڪائونٽ ۾ لکين ڪروڙين روپيا جمع آهن جن مان پارٽيءَ جا جهنڊا، لغڙيون، پينافليڪس، بينر، چاڪنگ،  آفيسن جا خرچ کاٻار ممڪن هلندا آهن ان ڪري هي وري اهڙي پارٽي آهي جنهن جا ايترا ٽڪرا ٿي ويا آهن جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اها پڇا ڳاڇا ڪري چڪي آهي ته اهي سڀ ايم ڪيو ايم جا ڌڙا پنهنجي حصي جا جنهڊا ۽ لغڙيون ۽ ڪاڳرپٽَ ساڙي هاڻي هڪ ٿي ويا آهن ته ان پارٽيءَ جو نالو ڇاهي،  اهو اتحاد ڪهڙي نالي سان  متحرڪ ٿيو آهي،  اهو اتحاد ڪيستائين هلندو ان ڪري ان اتحاد جي ڪهڙي قانوني چاراگيري ٿي سگهي ٿي جنهن جي وضاحت هر صورت ايم ڪيو ايم جي سڀني پڳدارن کي ڏيڻي آهي.

اها ڳالھه  به آهي ته هنن جي احتجاج کي ڪنهن کٻي اک سان به نه ڏٺو جيڪي سدائين سنڌ دشمني ۽ ڪراچي ۽ مهاجر ڪندا رهندا آهن،  جيڪي پنهنجي پارٽي جي پٺيان هڻندا ته ايم ڪيو ايم پاڪستان آهن پر انهن ڪڏهن به ڪنهن سنڌ جي مسئلي تي فلور تي ڪو آواز ناهي اٿاريو جنهن ۾ پاڻيءَ جي مسئلي کان وٺي، ڊوميسائيل جي مسئلن ۽ افغاني شناختي ڪارڊ جي مسئلن ۽ ووٽر لسٽن جي مسئلي،  آدم شماري جي مسئلن،  ڪنهن اهڙي مسئلي،  مثال اين ايف سي ايوارڊ واري ڳالھه  تي اهي ڪڏهن به آواز نه ٿا اٿارن ته پوءِ پنهنجي پارٽي جي پويان ايم ڪيو ايم لالوکيت لکي ڇڏن ته بهتر آهي.

هاڻي ٿوري ڳالھه  جماعت اسلامي جي به ڪيون ته شهر ۾ جتي به روڊن جي ڪا کڙٻڙ، ڪو اهڙو مسئلو جيڪو حل ٿيڻ جهڙو هوندو آهي،  اها ڳالھه  به عيان آهي ته جيتري بجيٽ ڪراچي شهر ۾ خرچ ٿئي،  جيڪي به هاءِ رائيز عمارتون ٺهن ٿيون ٻن بئنڪن جيترو پئسو سيڙائن ٿيون اوترو پئسو ڪنهن ٻئي شهر،  ٻهراڙيءَ ۾ نه ٿيون سيڙائن،  گيس، بجلي، پاڻي، روزگار، روڊ رستا، صنعتون،  رونقون جيتريون شهرن ۾ آهن اوتريون ڪنهن به ننڍي شهر،  ٻهراڙي ۾ ممڪن ناهن ان ڪري ساڳي دعويٰ اها به ڪري سگهجي ٿي ته حڪومت جو جيترو توجھه ڪراچي شهر تي آهي اوتريون ڌيان ڪنهن ٻڍي شهر تي ناهي،  جيڪي به پريشر گروھ نما سياسي جماعتون شهرن ۾ ڪم ڪن ٿيون اتريون متحرڪ ڪنهن ٻئي شهر ۾ ناهن ان ڪري جيترو ترت ڪم ڪراچي شهر ۾ ٿئي ٿو اوترو ڪنهن ٻئي شهر ۾ ممڪن ناهي توڻي جو اهي ماڻهو ٻوڏ ۾ مرن، ترن، لڙهن،  هاڻي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي ڪري روز مرن ۽ جيئن پر جماعت اسلامي جي اها سياست ڏسڻ جهڙي هوندي آهي ته جتي به ڪو روڊ بارشن جي ڪري ڀڄي ٽٽي،  ڪو مسئلو هجي،  گٽر اٿلي ته جماعت اسلامي اتي بينر هڻي ايندي ”ته حڪومت جلد از جلد روڊ ٺهرائي“ ۽ ظاهر آهي ته حڪومت جا پنهنجا ادارا به آهن جيڪي انهن شين جي نگهباني به ڪن ٿا ان ڪري اهي جڏهن وري روڊ ٺهرائي بس ڪندا ته جماعت اسلامي اتي وري بينر هڻي ويندي ته “شکريه جماعت اسلامي“ اها ڳالھه  سمجهھ کان ٻاهر آهي.

اها ڳالھه  به ظاهر آهي ته جڏهن جڏهن ايم ڪيو ايم احتجاج ڪيو آهي ان جو فائدو سڌو سنئون جماعت اسلامي کي پوندو آهي،  جماعت اسلامي سوڀاري ٿيندي آهي پر هيل ته پ پ  ۽ پي ٽي آءِ وارن جماعت اسلامي پاڻ ملهايو پر 12 جنوريءَ تي روڊ شو مان ايم ڪيو ايم کي ڪهڙو فائدو ٿيو،  ايم ڪيو ايم وارا اهو سوچن پيا ته اهي پنهنجو ضد پورو ڪرائي ويندا،  انهن جي دل ۾ هيو ته ڪورٽ جي فيصلي جو توڙ رڳو روڊ شو ۾ ئي آهي ته پوءِ ڪامياب به ڪري ڏيکارن هان،  سوچي سمجهي قدم کڻن هان سمجهن هان ته هي ڪو جگاڙي آدم شماري واري ڳالھه  وانگي ناهي ته جيڪو چاهيندا اهو ٿي پوندو ان ڪري اها ڳالھه  به ذهن ۾ رکن هان ته ان هجي ڪريل ساک جو به سوال آهي ان ڪري هاڻي اهي سڀ اهڙا ڌڙا به آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي تڪ مان هڪ ووٽ به ناهن کڻي سگهندا مثال ڊولفن (مصطفي ڪمال) هڪ سيٽ به نه ٿو کڻي سگهي،  ايم ڪيو ايم حقيقي هن مهل تائين هڪ سيٽ به ناهي کڻي سگهيو،  فاروق ستار ضمني اليڪشن ۾ آزاد اميدوار بيٺو ته ماڻهو سڃاڻنس ئي ڪو نه پيا، پوءِ اهي سڀ ملي به ڇا ڪن هان ان ڪري ته اهي سڀ رڳو ڀتي خوري ۽  ڏنڊي واري سياست ڪري ڄاڻن ان ڪري عام سياست هنن جي وس جي ڳالھه  ناهي.

هاڻي ته عمران خان جي ڳالھه  به ڏاڍي مثبت هئي ته ڪراچيءَ ۾ پي ٽي آءِ جو هارائي،  گھٽ سيٽون کڻڻ مان مراد اها به آهي ته اتي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ڪجھه  نه ڪيو ان ڪري هاڻي واري بلدياتي چونڊن جي نتيجي ۾ عام چونڊن جا نتيجا به اخذ ڪري سگهجن ٿا ته انهن جا نتيجا ڪهڙا هوندا،  ڪهڙي پارٽي هاڻي ڪارڪردگي جي بنياد تي مٿي ايندي،  چڙهي سگهي ٿي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.