ليما (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آمريڪي ملڪ پيرو ۾ ڪرڙيءَ جو نئون نسل دريافت ٿيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب پيرو جي نيشنل پارڪ اوتيشي مان دريافت ٿيندڙ ڪرڙي سائنس جي خزاني ۾ هڪ نئين واڌ آهي.
اينڊيز جابلو سلسلي ۾ حياتياتي تحفظ تحت قائم قومي پارڪ ۾ ماهرن کي ڪسڪو جي علائقي مان اها نئين ڪرڙي هٿ آئي، جيڪا گهري سرمائي رنگ جي آهي، جڏهن ته ان جي جسم تي پيلي رنگ جا نشان به موجود آهن ۽ ان ڪرڙي جو پڇ سڄي ڌڙ کان به وڏو آهي.
ان ڪرڙي کي ”پروڪٽو پورس ٽائٽنز“ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ اها اوچن جبلن تي رهندي آهي، دريافت ٿيندڙ ڪرڙي به سمنڊ جي سطح کان تقريبن 3 هزار 200 ميٽر جي اوچائي تان هٿ آئي.
پيرو جي نيشنل پارڪ اوتيشي جي ايراضي ساڍا 7 لک ايڪڙ آهي ۽ اهو ڊگهي جابلو سلسلي تي پکڙيل آهي.