ٽنڊو محمد خان لڳ درياهه کي ڏنل بند ڪمزور، رهواسي خوف ۾ ورتل، ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: اويس حيدر شورو ) ٽنڊو محمد خان جي ملاڪاتيار ويجهو سنڌو دريا جي بندن تي کاڌ شروع ٿي ويئي آهي ، 300 فٽ کان مٿي بند جو ملبو دريا ۾ ڪري پيو آهي جنهن ۾ پچنگ ڪيل پٿر پاڻي ۾ اچي وڃڻ سان گڏ بند هيٺيان کان ٽٽي وڃڻ جو خدشو ٿيڻ لڳو آهي ، علائقي جي رهواسين ملاڪاتيار يونين ڪائونسل جي وائيس چيئرمين محمد علي سومرو ، آڍو فقير ، سيد جواد شاھ ، نصرالله سمون ،  احسن سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به ملاڪاتيار شهر مان احتجاجي جلوس ڪڍي سنڌو دريا جي بند تائين پيادل مارچ ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو ، مظاهرين ڄاڻايو ته سنڌو دريا جا بند مها 2010 واري ٻوڏ کان وٺي 2022 تائين سنڌ سرڪار جي آبپاشي کاتي طرفان ڪيل پچنگ واري ڪم ۾ ناقص پٿر ۽ ملبو استعمال ڪرڻ جي ڪري هاڻي ڪوٽڙي بئراج کان پاڻي جي سطح زيرو هجڻ باوجود 2023 ۾ ملاڪاتيار جو بند ڪمزور ٿي ويو آهي جنهن ۾ ملاڪاتيار شهر جي آبادي کان دريا جو پاڻي 5 فٽ مٿي آهي ، جنهن ۾ دريا کي کٿڙ واري علائقي کان وٺي حاجي پور بند ، ٻڌڪا بند ۽ ملاڪاتيار بند تائين کاڌ ٿيڻ شروع ٿي ويئي آهي پر آبپاشي کاتي جي نااهل عمل جي ڪوتاهي جي ڪري بند جو ڪم مضبوط نه ٿيڻ سان بند ٽٽڻ جو خطرو ٿي ويو آهي ڪنهن به وقت پاڻي جي سطح ۾ واڌ ٿي ته ملاڪاتيار بند ٽٽي وڃڻ سان سنڌ جي 5 ضلعن کان وڌيڪ علائقا ٻوڏ جو شڪار ٿي ويندا جيڪا ٻوڏ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن لاءِ تباهي جو سبب بڻجي ويندي ، جنهن جي بچاءُ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي فوري طور هنگامي بنيادن تي اپاءُ وٺڻا پوندا ، علائقي جي رهواسين کي ڪنهن به امڪاني بند ٽٽڻ جي صورت ۾ پنهنجي گهرن ، شهرن ڳوٺن کان بي گهر ٿيڻ کان بچائڻو پوندو ، بند جي مرمت وارو ڪم فوري طوري مڪمل نه ڪرايو ويو ته ملاڪاتيار جا هزارين شهري ۽ ڀرپاسي جي علائقن جا رهواسي آبپاشي آفيسن جو گهيراءُ ڪري سخت احتجاج ڪندا ، ياد رهي ته سنڌو دريا جي ملاڪاتيار بند کي گذريل ڏهاڪي ٽٽڻ جو خطرو ٿيو پر تازو دريا ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ کانپوءِ هاڻي پاڻي گهٽجڻ جي بعد خطرو ٿيڻ عوام لاءِ سخت ڳڻتي جو سبب بڻجي ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.