امداد ڏيو، لاڙڪاڻي ۾ عورت جو ٻارن سميت احجتاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد پاڙي جي رهواسي عورتن پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي هٿن ۾ قومي شناختي ڪارڊ کڻيبينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي امدادي رقم نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي بيواهه عورت منظوران کيمٽيو، بيواهه بيگم خاتون کوکر، شمشاد بيگم کيمٽيو، زينب خاتون کيمٽيو، گلشاد کوکر ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت کان وٺي اسان کي بينظير انڪم سپورٽ تحت امدادي رقم ملندي هئي، پر پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ٽئين سال دوران اوچتي بنا ڪنهن سبب اسان جي امدادي رقم روڪي وئي ۽ ڏيڍ سال جو عرصو گذرڻ باوجود هن وقت تائين اسان کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا نه ملي سگهيا آهن، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي مالي سهائتا ڪري وظيفو ڏيارين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.