شهدادپور ۾ قانوندان لطيف آفريدي جي قتل خلاف وڪيلن جو احتجاج

شھدادپور( ن ع آ) سپريم ڪورٽ بارايسوسي ايشن  جي اڳوڻي صدرعبدالطيف آفريدي جي قتل خلاف شھدادپور بارايسوسي ايشن پاران عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائي ڪارو ڏينهن ملھايو ويو شھدادپور  بارايسوسي ايشن جي نائب صدر ايڊوڪيٽ طاھر ياسين راجپوت  جنرل سيڪريٽري  ايڊوڪيٽ فياض خاصخيلي ايڊوڪيٽ غلام مصطفي باگراڻي ايڊوڪيٽ نديم پٺاڻ ايڊوڪيٽ آصف انڙ  ۽ ٻين وڪيلن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ھاڻ اسان پنهنجي پاڻ کي غيرمحفوظ سمجھون ٿا سرعام دھشتگرد وڪيلن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪري رھيا آهن عبدالطيف آفريدي جي قتل ۾ ملوث سازشي لڪيل ھٿن کي ظاھر ڪري قاتلن کي سرعام سزا ڏني وڃي ۽ وڪيل برادري جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي وڪيل برادري ۾ ڇانيل بيچيني دور ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ ملڪ ڪير احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.