ذاتين ۾ ورهايل سنڌي قوم جو الميو

امتياز دانش

اڄڪلهه سنڌ ۾ ذاتين (برادرين) جي نانءَ تي ڌڙا ڌڙ تنظيمون ٺهي رهيون آهن، جنهن کي ” قوم جو اتحاد“ چيو پيو وڃي. ڏٺو وڃي ته ذات ۽ قوم ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي پر اها ڳالهه اسان جي ماڻهن کي سمجهه ۾ نه پئي اچي. ڇڙو زور برادري تنظيمن ٺاهڻ تي ڏئي مهين جو دڙو جهڙي شاندار تهذيب رکندڙ سنڌي قوم کي ذاتين ۾ ورهايو پيو وڃي.

پاڙا پاڙا نه چئو پاڙي ناهيون پاڻ

پنهنجو موهن جو دڙو ساٿي آهي سڃاڻ

سماجي ماهرن جي بقول ته ” ذات جو تعلق نسب سان هوندو آهي ۽ نسب جو تعلق نسل سان هوندو آهي، جيڪو انسان جي پيدائش جي سڃاڻپ جي نشاني آهي.“ اسين نسلي طور تي سڀ هڪ آهيون. ڇو ته ذاتين جو پاڻ ۾ پيدائشي رشتو هوندو آهي. رت جو رشتو هوندو آهي. روح جو رشتو هوندو آهي. جسم جو رشتو هوندو آهي. ان مان قوم ٺهندي آهي. ذاتيون مختلف گل هونديون آهن ۽ قوم انهن جو گلدستو هوندي آهي پر اسان وٽ بدقسمتيءَ سان گل هڪ هنڌ گڏ ئي نه ٿي سگهيا ته گلدستو ڪهڙو؟

قومن جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان خبر پئي ٿي ته هڪ گروهه، جنهن جو هڪ نسل سان تعلق هجي، ان مان ڪٽنب ٺهي ٿو. ڪٽنب مان قبيلو ٺهي ٿو. قبيلي مان ذات ٺهي ٿي ۽ ذاتين مان قوم ٺهي ٿي، جنهن سان ماڻهن، نسلن، ڪٽنبن، قبيلن ۽ ذاتين کي پنهنجي هڪ سڃاڻپ ملي ٿي. سائين جي ايم سيد پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ” ديارِ دل داستانِ محبت “ ۾ لکيو آهي ته ” مختلف جاگرافيائي خطن ۾ هزارين ورهين جي ميلاپ بعد قومون ٺهن ٿيون، جن جا ماڻهو اصل ۾ مختلف قبيلن، نسلن، زبانن، روايات، ڏندڪٿائن، دستورن جا حامل ٿين ٿا، سي آهستي آهستي ٿي هڪ زبان، گڏيل روايات، هڪ ڪلچر ۽ دستور ٺاهي قومي يڪجهتي ۽ عصبيت حاصل ڪري وڃن ٿا، جن کي قومون سڏيو وڃي ٿو، جن جا مجموعي، سياسي ۽ اقتصادي مفاد يڪسان ٿين ٿا. اهڙي طرح ملڪ ۽ قوم جي محبت جو اهو مطلب ٿئي ٿو ته ماڻهو ان خطِ زمين، جنهن ۾ ڄائو ۽ نپنو هجي ۽ جتي دفن ٿيڻو اٿس، جي ترقي ۽ تعمير لاءِ ڪوشش ڪري ۽ جن ماڻهن ۾ رهي ۽ جا ٻولي ڳالهائي، تن ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ پاڻ پتوڙي.“ هڪ قوم لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته ان کي پنهنجي ٻولي، ثقافت، تهذيب، تاريخ، جاگرافي ۽ ڌرتي هجي. اهي سڀ شيون اسان وٽ جُڳن کان موجود آهن ته پوءِ اسان هڪ سنڌي قوم ٿياسين نه؟ پوءِ هيءَ ذات پرستي ڪٿان آئي؟ ذات پرستيءَ سان هڪ ته اسان جي قوميت کي هاڃو رسي رهيو آهي ۽ ٻيو اجتماعي سوچ نه پئي جُڙي. هر برادري پنهنجي پنهنجي مُنهن آهي.

ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ذات جو تصور پراڻو آهي، جيڪو انسان جي وجود سان تعلق رکي ٿو ۽ اهو دراوڙ کان ويندي آرين تائين نظر اچي ٿو. اهو تصور اسان کي رگ ويد ۾ به نظر اچي ٿو پر ان ۾ ذات ۽ قوم ۾ واضح فرق آهي. اهڙي طرح قرآن شريف ۾ به آهي ته ” ذاتيون ماڻهوءَ جي سڃاڻپ لاءِ آهن“ پر اسان انهن کي پنهنجي قوم ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ ذاتين ۾ شروع کان متڀيد وارو ورتاءُ رهيو آهي، جيڪو اڄ سوڌو هلندو اچي. منهنجي خيال ۾ اهو ورتاءُ حملي آور قومن کان شروع ٿيو، جنهن کي اڄ سنڌي ماڻهو پاڻي ڏئي رهيا آهن. فاتح قومن سنڌي قوم کي ذهني ۽ جسماني غلام رکڻ لاءِ اهو حربو ڪتب آندو ۽ سنڌي قوم مٿان اهو نفسياتي وار ڪيو ته جيئن اها سندن تابع رهي. ان کي مذهبي هوا به ڏني وئي ته جيئن ماڻهو غلاميءَ جي ڄار کان ٻاهر نه نڪري سگهن.

سنڌ ۾ هن وقت جيڪي ذاتين جي نانءَ تي تنظيمون ٺهي رهيون آهن، اهي ان عمل جو تسلسل آهن. جيڪي ماڻهو ذاتين جي نانءَ تي تنظيمون ٺاهي رهيا آهن، هڪ ته اهي ڪامپليڪس جو شڪار آهن ۽ ٻيو ڏسڻو اهو آهي ته اهي ماڻهو ڪنهن جا آهن ۽ وقت اچڻ تي اهي ڪنهن جي حمايت ۾ ريليون ڪڍي يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندا آهن؟ جيئن ته اسان جو سماج جاگيرداراڻو ۽ طبقاتي آهي. ان ۾ اوچ نيچ ۽ ڏاڍي ۽ هيڻي جو فرق آهي. جيڪي ماڻهو برادري تنظيمون ٺاهي رهيا آهن، هڪ ته ان عمل سان اهي پاڻ کي سماج ۾ دلير  ۽ طاقتور سمجهن ٿا. ماڻهن کي پنهنجي طابع رکي خوشي محسوس ڪن ٿا. خانداني جاگيردارن سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي پاڻ کي معتبر سمجهن ٿا. هو پاڻ کي ڇا به سمجهن پر اها سندن ناڪاري سوچ آهي.

جيڪي ماڻهو برادري تنظيمون ٺاهي رهيا آهن، انهن جي ڪردار، ذهن ۽ سوچ کي ڏسجي ته ان ۾ اسان کي ڪافي جهول نظر ايندا ۽ ٻيو اهي اسان کي جاگيردارن ۽ سنڌي قوم دشمن قوتن جا ماڻهو نظر ايندا. جاگيردار ۽ سامراج جي اها خواهش هوندي آهي ته ماڻهو ڪڏهن به پاڻ ۾ نه گڏجن. سدائين وکريل هجن. جنهن ڏينهن ماڻهو پاڻ ۾ گڏيا اهو ڏينهن سندن بادشاهت جو آخري ڏينهن هوندو. جيڪي ماڻهو برادري تنظيمون ٺاهي سنڌي قوم کي ورهائي رهيا آهن، مون کي لڳندو آهي ته انهن کي سنڌي قوم دشمن ماڻهن جو ٽاسڪ مليل هجي ته جيئن سنڌي ماڻهو ذاتين ۾ ورهايل هجن ۽ اهي قوم نه ٿي سگهن. ائين انهن جو استحصال ڪجي. هو سمجهن ٿا ته جنهن ڏينهن سنڌي ماڻهو ذاتين واري خول کان ٻاهر نڪري هڪ قوم ٿيا ته اهو ڏينهن سندن آخري ڏينهن هوندو. انڪري ئي هو سنڌي قوم کي ذاتين ۾ ورهائي سندن حق غصب ڪري رهيا آهن.

اسان وٽ الميو اهو آهي ته سنڌ وطن ۽ سنڌي قوم جي آجپي لاءِ پنهنجين جانين جو نذرانو ڏيندڙ دودي سومري، دريا خان ۽ مخدوم بلاول جهڙن سورمن کي به ذاتين ۾ ورهائي محدود ڪيو ويو آهي. برادري تنظيمون ٺاهي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کي استعمال ڪيو پيو وڃي. اهي تنظيمون ٺاهيون ته غريب ماڻهن جي ويلفيئر لاءِ وڃن پيون پر ان ۾ تنظيمون ٺاهيندڙن جا پنهنجا مفاد آهن. جيڪي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي نالي تي حاصل ڪيا پيا وڃن. ڪا به اهڙي برادري تنظيم ڏيکاريو، جيڪا پنهنجي ذات جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪم ڪندي هجي؟ برادري تنظيمن جي ٺهڻ سان ٻيو ڪجهه به نه پر جاگيرداريءَ کي هٿي ۽ طبقاتي سوچ کي نفي ملي آهي. ماڻهو هڪ قيد کان نڪري ٻئي قيد ۾ بند ٿي رهيو آهي.

سنڌ اندر برادري تنظيمون سنڌي قوم لاءِ ناسور ٿينديون پيون وڃن. ڏسڻا وائسڻا ماڻهو، سياسي ڪارڪن، فلسفي، وڪيل، جج، استاد، عالم، شاعر، اديب ۽ صحافي ان عمل جو حصي ٿي فخر پيا محسوس ڪن. ايتري تائين جو اسان وٽ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سڏجندڙ سنڌي ادبي سنگت جا ڪيترائي اڳواڻ به ان عمل ۾ نظر اچي رهيا آهن. اسان وٽ ذات پرستيءَ وارو ناسور ايترو ته وڌي ويو آهي جو هاڻي ته ذاتين ۾ به پاڙي ۽ نُک جو فرق نظر اچي ٿو، جنهن سان ان ذات جي ئي ماڻهن ۾ ويڇا نظر اچن ٿا.

سماجي ماهرن جي بقول ته ”سنڌي قوم دنيا جي اوائلي پيڙهي آهي، جيڪا به وڃي باقي رهي آهي. ان پيڙهيءَ جون همعمر ۽ همعصر پيڙهيون ختم ٿي دنيا جي نقشي تان ميسارجي ويون.“ واحد هي اوائلي پيڙهي آهي، جيڪا به اڄ اسان کي ذات پرستيءَ ۾ ورهايل نظر اچي پئي. خبر نه آهي ته اهو ناسور ڪٿان شروع ٿيو ۽ ڪٿي وڃي دنگ ڪندو؟ جي اهو سلسلو ائين جاري رهيو ته پوءِ اسان جي برادريءَ جي حوالي سان ته سڃاڻپ هوندي پر قومي سڃاڻپ نه هوندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.