سن جي مقدس ڌرتي تي ادارن ڪاھ ڪري بربريت ڪئي: اسلم خيرپوري

ڄامشورو/مانجهند:  سن ۾ جسقم آريسر پاران سائين جي ايم سيد جي 119 سالگرھ وڏي عقيدت احترام سان ملھائي وئي. جلسي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري چيوته سن جي مقدس ڌرتي تي ادارن ڪاھ ڪري بربريت ڪئي، پرامن ڪارڪنن مٿان گوليون وسائڻ ۽ پنڊالن مٿان چڙھاين خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏيون ٿا. جسقم چئيرمين اسلم خيرپوري چيو ته ڪارڪنن کي جس ڏيون ٿا جيڪي سڀ رڪاوٽون ٽوڙي پھتا چوڏنھن فيبروري عاشقن جو عالمي ڏينھن تي (محبت سنڌ)ريلي بدين کان ٽنڊي محمد خان تائين ڪڍي ويندي. هن چيو ته اسان پنھنجي عمر ۾ ڪڏھن به سن ايڏو رياست جو ڏاڍ نه ڏٺو آھي جيڪو ھن وقت ٿيو آھي ان موقعي تي ڌاري آبادڪاري, مذھبي انتھا پسندي , سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏني وڃي. جلسي گاھ کي تاج جويو, اسماعيل ناز نوتڪاڻي, سرمد ميراڻي, غازي خان جکراڻي, محمد خان شورو, ملوڪ کوسو۽ ٻين خطاب ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.