ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو: بلاول ڀٽو

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عوام ووٽ جي طاقت سان نام نهاد مقبول اڳواڻن جو پول به کولي ڇڏيو، بلدياتي چونڊن کانپوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي واحد سڀ کان وڏي پارٽي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن جيالي اميدوارن کي ووٽ ڏئي چونڊيو، بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن پاران بلدياتي چونڊن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ ڪيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي وفاق جي زنجير آهي ۽ ملڪ جي سمورن طبقن تي ٻڌل ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي فتح سڄي ملڪ جي فتح آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقي لاءِ سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ، عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجندو، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي چونڊي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته بلدياتي چونڊون کٽيندڙ سڀني جيالي اميدوارن جي ذميواري آهي ته اهي عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.