پرڏيهي وزير افغان طالبان سان رابطا جاري رکڻ جو حامي

 

ڊيووس (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان سان رابطا نه رکڻ مسئلي جو حل ناهي، طالبان سان رابطا جاري رکڻ جي ضرورت آهي.

سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي حملي جي جاچ افغان حڪومت ڪري رهي آهي، پرامن افغانستان لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

سندس موجب اسان افغان عبوري حڪومت کي چيو آهي ته عالمي واعدا پورا ڪري، ٻئي ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن، افغان حڪومت تي ڇوڪرين جي تعليم تي زور ڏنو آهي، پاڪستان ۾ اتفاق آهي ته جيڪو دهشتگردي ۾ ملوث آهي ان سان ڳالهيون نه ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.