پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي 35 قومي اسيمبلي جي خالي سيٽن تي پي ڊي ايم چونڊ نه وڙهندي.
پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم انهن 35 سيٽن تي چونڊ ۾ حصو نه وٺندي، جن تان استعيفيٰ جي اسپيڪر منظوري ڏني آهي، ان جو ڪارڻ پوءِ ٻڌائينداسين.