واٽس ايپ پاران واهپيدارن جي سهولت لاءِ دلچسپ فيچر متعارف

دنيا جي مشهور ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ پاران واهپيدارن کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ نئون طريقو متعارف ڪيو پيو وڃي.

گهڻو جلد واهپيدار پش نوٽيفڪيشن ذريعي ئي ڪنهن به ماڻهو کي بلاڪ ڪري سگهندا.

ايپ يا ان ماڻههو جي چيٽ اوپن ڪرڻ جي به ضرورت نه پوندي پر اهو فيچر شروع ۾ محدود هوندو.

رپورٽ موجب ان نئين فيچر سان رڳو انهن واٽس ايپ واهپيدارن کي ئي بلاڪ ڪرڻ ممڪن ٿيندو جيڪي اوهان جي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ نه هوندا، ته جڏهن به ڪنهن اڻڄاتل ماڻهو پاران واٽس ايپ ميسيج جو نوٽيفڪيشن ايندو ته توهان ان کي بلاڪ ڪري سگهندا.

رپورٽ موجب ان فيچر سان واهپيدار ڪنهن به ماڻهو کي ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ کانسواءِ بلاڪ ڪري سگهندا جيڪو ان فيچر جو بنيادي مقصد آهي

هي فيچر اڃا سمورن واهپيدارن لاءِ ناهي، پر واٽس ايپ جي اينڊرائڊ ورزن ۾ ان تي تجربو جاري آهي.

ان لاءِ اهو چوڻ ڏکيو آهي ته سمورن واهيپدارن کي ڪڏهن اهو فيچر ملندو پر امڪان آهي ته ايندڙ مهينن ۾ اهو متعارف ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.