اصولي طور ميئر اسان جو هجڻ گهرجي، جماعت اسلامي سان ڳالهائينداسين: سعيد غني

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اصولي طور تي ڪراچي جو ميئر پ پ جو هجڻ گهرجي، جنهن لاءِ جماعت اسلامي سان ڳالهائينداسين، ڇو ته پي ٽي آءِ ان لائق ناهي ته ان سان ڳالهايو وڃي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو مهم هلائي پئي وڃي ته پ پ ڌانڌلي ڪئي آهي،  توهان وٽ شاهديون آهن ته لاڳاپيل فورم تي وڃو.

هن چيو ته جماعت اسلامي اسان جي اميد کان وڌيڪ سيٽون کنيون آهن، حافظ نعيم سمجهي رهيو هو ته ميئر بڻجي ويندو پر کيس سيٽون گهٽ ملڻ تي ڌچڪو لڳو.

سندس چوڻ هو ته ميئر ٺاهڻ اسان جو حق آهي، اصولي طور تي ميئر اسان جو هجڻ گهرجي، ميئر جي اميدوار جو نالو فائنل ناهي ٿيو، اڃا مشاورت ٿيندي، ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ته ڪراچي جو ميئر پ پ جو اچي، پي ٽي آءِ ان لائق ناهي ته ان سان ڳالهايو وڃي، جماعت اسلامي سان ڳالهائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.