دڙي ۾ هيڊ ماسترياڻي تي تشدد، تدريسي عمل جو بائيڪاٽ، استادن ۽ شاگردن جو احتجاج، ڌرڻو

دڙو  (رپورٽ: منٺار ٺاراڻي) دڙي ۾ گرلز پرائمري اسڪول ۾ ٻي ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي ناياب رفيق سولنگي تي هيڊ ماسترياڻي زاهدا پروين درس پاران مبينا چوري جو الزام مڙهڻ تي شاگردياڻي جي ماءُ اسڪول پهچي هيڊ ماسترياڻي سان جهيڙو ڪرڻ بعد کيس سليٽون هڻي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو، اهڙي عمل خلاف پ ٽ الف جي سڏ تي شهر جي مختلف پرائمري اسڪولن ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري استادن ۽ شاگردن سيد سومار شاھ، عزيز ميمڻ، ابل ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پرائمري اسڪول ون جي سامھون مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. جڏهن ته پيپلز پارٽي اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ جي مداخلت بعد الزام هيٺ آيل شاگردياڻي جي وارثن غلطي تسليم ڪندي اسڪول پهچي متاثر هيڊ ماسترياڻي سان معذرت ڪئي جنهن تي هيڊ ماسترياڻي کين معاف ڪري ڇڏيو جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.