دادو ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي ڇهين ڏينهن به احتجاج

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) گرينڊ هيلٿ الائينس سنڌ جي سڏ تي اڄ 6 ڏينهن به سول اسپتال دادو سميت ضلعي جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ 2 ڪلاڪن تائين او پي ڊيز جو علامتي بائيڪاٽ ڪري ٽوڪن هڙتال ڪئي وئي،گرينڊ هيلٿ الائينس جي اڳواڻن راجه رفيق پنهور، نثار احمد لاشاري، صداقت علي سومرو، محمد آچر پنهور، امتياز چانڊيو، امداد علي عباسي، عبدالمجيد جهتيال، نظير احمد ٻٻر، گل محمد شاهاڻي، ممتاز علي قمبراڻي، ڪامريڊ غلام حسين، محمد رمضان سولنگي، ارشد نوهاڻي، پپو قاضي، سڪندر علي کوسو، محمد نواز لغاري ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي مسلسل 2 مهينن کان گرينڊ هيلٿ الائينس جي قيادت سان ڳالهين تي عمل ڪرڻ بجاءِ سکڻن ڏٽن ۽ دلاسن کان ڪم ورتو وڃي پيو، اسان حڪومت جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريو ٿا ۽ سنڌ حڪومت کي چتاء ٿا ڏيون ته اسان جا جائز مسئلا جنهن ۾ رسڪ الائونس، هيلٿ پروفيشنل الائونس، سپورٽنگ اسٽاف جو ٽائيم اسڪيل، پئراميڊيڪل جو سروس اسٽريڪچر، نرسنگ اسٽاف جي پروموشن سميت چارٽر ڊمانڊ تي فوري طور عمل ڪيو وڃي ۽ ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.