ام رباب جي والد، ڏاڏي جي پنجين ورسي، جاگيرداري خلاف ڏهاڙي جو اعلان

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ۾ 5 سال اڳ قتل ٿيل ام رباب جي والد ، ڏاڏي  ۽ چاچي ڪرم الله  چانڊيو، مختيار چانڊيو ، قابل چانڊيو جي قتل ڪيس کي پنج سال مڪمل ٿي ويا، وارثن کي ھن وقت تائين انصاف نه مليو. مقتولن جي ورسي واري ڏينھن تي ام رباب جاگيرداري نظام جي خاتمي جو ڏينھن ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي. مقتولن جي پنجين ورسي جي موقعي تي ام رباب پنھنجي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي جي مزار تي حاضري ڀريندي بعد ۾ پنھنجي گھر ۾ مختصر تقريب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهھ ٻولهھ ڪندي. ھوڏانھن ام رباب پاران 17 جنوري کي سرداري نظام جي خاتمي جو ڏھاڙو ملھائڻ واري اعلان کي سماجي رابطن واري فورم تي ڀرپور موٽ ملي رھي آھي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم شھباز شريف جي گھرواري ۽ خاتون اول تھمينا ٽويٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم پاڪستان ، پ پ پ چيئرپرسن بلاول ڀٽو ، اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي اپيل ڪئي آھي ته ام رباب سان انصاف لاءِ هن جنگ ۾ سندس مدد ڪريو.  03

دادو عدالت ۾ ٻڌڻي، ڪيس ۾ شامل ڪيل ايس ايڇ او جي ڪچي ضمانت

دادو(ع آ نيوز) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي گذري، ام رباب چانڊيو سميت پ پ پ ايم پي اي نواب سردار احمد چانڊيو ۽ پ پ پ ايم پي اي نواب برهان خان چانڊيو ۽ تازو ڪيس ۾ شامل ڪيل ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت مک ڪيس جي ٻڌڻي 28 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي 20 جنوري تي ٻڌڻي رکي وئي، پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو چيو ته ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو کي ايس ايڇ او فريدآباد مقرر ڪرائڻ ڪو ڏوھ آهي ڇا؟ سڀ ايس ايڇ او لڳرائيندا آهن مون لڳرايو ته ڏوھ ٿي پيو، ام رباب جو والد، ڏاڏو ڇا ڪندا هئا ڪنهن کي خبر ناهي ڇا،  فريادي پاڻ ڪيس کي اينگهائڻ چاهين ٿا، دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي 20 جنوري تائين ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي، ام رباب چانڊيو چيو ته جڏھن عدالت ايس ايڇ او کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو آهي ته پوءِ پوليس ان کان جاچ ڇو نه ٿي ڪري، آءِ جي سنڌ پوليس کان پڇڻ ٿا چاهيون ته توهان اڃا ڪيترا ظلم ڪرائڻ چاهيو ٿا. 03

سردار چانڊيو ۽ ٻيا نامزد، فريد آباد جو ايس ايڇ او به جوابدار طور شامل ڪرڻ جو حڪم

ميهڙ: ام رباب جي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي جو قتل ڪيس پ پ پ جي ايم پي ايز سردار خان چانڊيو ، برھان خان چانڊيو ، علي گوھر ، ذوالفقار ، مرتضي ، سڪندر چانڊيو خلاف داخل آھي جنھن مان پ پ پ ايم پي ايز سردار خان، نواب برھان  ضمانت تي جڏھن ته مرتضيٰ، ذوالفقار، علي گوھر ۽ سڪندر جيل ۾ آھن جڏھن ته تازو عدالت پاران واقعي دوران فريدآباد ٿاڻي تي ان وقت مقرر ٿيل ايس ايڇ او فريدآباد ڪريم علي چانڊيو کي ڪيس ۾ جوابدار طور شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. 03

ڪيس مختلف عدالتن ۾ منتقل، ٽن مهينن ۾ فيصلي جي حڪم تي عمل نه ٿيو

ميهڙ: ميھڙ 5 سال اڳ ميھڙ ۾ حملي دوران قتل ٿيل ام رباب چانڊيو جي والد ،ڏاڏي ، چاچي جو قتل ڪيس مختلف عدالتن ۾ منتقل ٿيندو رھيو آھي ، مقتولن جو قتل ڪيس نوشھرو فيروز ، سکر ، ميرپور ماٿيلو جي اي ٽي سي ڪورٽ ۽ دادو جي سيشن ڪورٽن ۾ منتقل ٿيندو رھيو آھي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران ٽن مھينن اندر فيصلو ٻڌائڻ لا۽ ڏنل حڪم تي به عمل ناھي ٿي سگھيو .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.