پشاورهاءِ ڪورٽ ۾ سپريم ڪورٽ بار جو اڳوڻو صدر ۽ جمهوري اڳواڻ لطيف آفريدي قتل

پشاور(م ڊ) مشهور وڪيل لطيف آفريدي قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو. ميڊيا رپورٽن  موجب پشاور هاءِ ڪورٽ بار ۾ مٿس فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ سينيئر وڪيل لطيف آفريدي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويوجتي هو دم ڏئي ڇڏيو. ليڊي ريڊنگ اسپتال انتظاميا 79 ورهين جي لطيف آفريدي جي  مارجي وڃڻ تصديق ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب 69 سالن جي عبداللطيف آفريدي کي 6 گوليون لڳيون،  فائرنگ ڪندڙ شخص کي موقعي تي ئي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ عدنان جي نالي سان ٿي، جڏهن ته جوابدار سائل جي طور تي آيو هو. پشاور هاءِ ڪورٽ بار  روم ۾ فائرنگ کانپوءِ هاءِ ڪورٽ جا دروازا بند ڪري سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو ذاتي دشمني جو لڳي ٿو پر معاملي جي انڪوائري ڪري رهيا آهيون، اهو به پتو لڳايو پيو وڃي ته جوابدار پستول اندر ڪيئن کڻي ويو يا هٿيار فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن سندس مدد ڪئي. مشهور قانوندان لطيف آفريدي سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جو صدر پڻ رهي چڪو آهي، هو قومي جمهوري تحريڪ جو سينيئر اڳواڻ هو جڏهن ته هو قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهيو آهي. ينيئر وڪيل ۽ ناليواري قانوندان عبداللطيف آفريدي جي قتل خلاف پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان بار ڪائونسل سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر لطيف آفريدي جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي پي حڪومت جي عدالتن ۽ وڪيلن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي ڳڻتي جوڳي آهي، عدالتن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. پاڪستان بار ڪائونسل ملڪ ۾ عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي چيو ته وڪيل سڀاڻي عدالتن ۾ پيش نه ٿيندا.هوڏانهن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن به لطيف آفريدي جي قتل جي مذمت ڪندي سڀاڻي عدالتن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. 03

لالا عبدالطيف آفريدي جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪئي: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته لالا عبدالطيف آفريدي جي بي رحماڻي قتل تي انتهائي ڏک آهي. هن سڄي عمر آئين جي سربلندي، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي. ڪالهه سومر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي خيبرپختونخواهه جي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها دهشتگردن کي قانون موجب عبرتناڪ سزا ڏياري. وزيراعظم شهباز شريف عبدالطيف آفريدي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ اعليٰ قانوندان ۽ بهادر سياسي اڳواڻ هو. مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي حمايت تي ان کي يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو هو،

لالا لطيف هزارين مزدورن، سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين جا ڪيس مفت ۾ وڙهيا

پشاور(م ڊ) لطيف آفريدي 1968ع ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ وڪالت جي پيشي سان ڳنڍجي ويو هو،ٽن ڏهاڪن تائين هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪرڻ کانپوءِ هو 2006ع۾ سپريم ڪورٽ جو وڪيل بڻيو، هو 6 ڀيرا پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر رهي چڪو، پاڪستان بار ڪائونسل جو نائب صدر ۽ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر به رهيو، خيبر ضلعي جي وادي تيره سان تعلق رکندڙ لطيف آفريدي جو سياسي تعلق عوامي نيشنل پارٽي سان هو، قومي اسيمبلي جو ميمبر به ٿيو، هن هزارين مزدورن، سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين جا ڪيس بغير فيس جي وڙهيا، بي بي سي مطابق پي ٽي ايم خلاف ڪي پي ۾ جيترا به ڪيس داخل ڪيا ويا انهن مان اڪثر جي پيروي لطيف آفريدي ڪندو هو،

لطيف آفريدي آمرن خلاف وڙهندڙ بهادر وڪيل ۽ ترقي پسند اڳواڻ

پشاور(م ڊ) سپريم ڪورٽ بار جو اڳوڻو صدر لطيف آفريدي انهن ماڻهن ۾ شامل هو جيڪي 70 جي ڏهاڪي کانپوءِ ملڪ ۾ جيتريون به مارشل لا لڳيون ۽ پوءِ ملڪ ۾ مخالف ڌر جون جيتريون تحريڪون هليون هو هر ڀيري جيل ويو،هن جو آواز ۽ دبنگ انداز شاگردي واري زماني کان هو، کيس محترمه فاطمه جناح جي چونڊن ۾ حمايت ڪرڻ جي پاداش ۾ يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو هو، پهرين فوجي صدر ايوب خان جي دور ۾ کيس شاگرد اڳواڻ جي حيثيت سان جيل موڪليو ويو، هو سياسي ڪارڪن طور اڳوڻي ڊڪٽيٽر ضيا الحق جي دور ۾ به پنج ڀيرا جيل وڃي چڪو،هن 2007ع ۾ ملڪ ۾ پرويز مشرف پاران لڳايل ايمرجنسي جي سخت مخالفت ڪئي هئي، هو ڪي پي اسيمبلي جي گيت آڏو پرامن احتجاج ڪري رهيو هو ته بڪتربند گاڏي سندس مٿان چڙهي وئي جنهن سبب هن جي هڪ ڄنگهه ٽٽي وئي هئي، طارق افغان چيو ته غريبن ۽ بيوس ماڻهن لاءِ لطيف لاله جيترا مفت ڪيس وڙهيا پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن وڪيل نه ڪيا هوندا، لطيف آفريدي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ به ڏيندو هو، گهڻن شاگردن جون فيون ڏيندو هو، هو کاٻي ڌر جو نظرياتي اڳواڻ ۽ مارڪس وادي هو،

چيف جسٽس لالا لطيف آفريدي جي شهادت جو نوٽيس وٺي: نيشنل پارٽي

ڪوئيٽا(م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي ترجمان ناليواري قانوندان، انساني حقن جي علمبردار لالا لطيف آفريدي جي قتل کي آئين، قانون ۽ انساني حقن جو قتل قرار ڏنو آهي، هن پشاور هاءِ ڪورٽ اندر لطيف آفريدي جهڙي ناليواري قانوندان جي قتل کي معني خيز قرارڏيندي سپريم ڪورٽ کان گذارش ڪئي آهي ته معاملي جي تهه تائين پهچي اصل محرڪ ڄاڻن ۽ ذميوارن جي تعين لاءِ اعليٰ سطحي جڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي، هن چيو ته لطيف آفريدي کي جنهن انداز سان نشانو بڻايو ويو ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ اندر ڪو به انسان دوست، جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند شخصيت محفوظ ناهي،

لطيف آفريدي جو ليفٽ جي سياست ۾ هڪ بهترين ڪردار هو: اي جي پي

حيدرآباد (پ ر) سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ۽ سينئر وڪيل لطيف آفريدي جي پشاور بار روم ۾ قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي،اهڙو خيالن جو اظهار عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، خادم ٽالپر، ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، ڀائو درمحمد ٻرڙو، رشيد سڌايو، نثار چنا، امير گل ڪٽوهر، شير چانڊيو ۽ ڪليم ملڪ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو هنن چيو ته ايڊووڪيٽ لطيف آفريدي جو ليفٽ جي سياست ۾ هڪ بهترين ڪردار هو انسان دوست ۽ سماج سڌارڪ هو، هنن چيو ته عدالتن اندر بار روم ۾ وڪيلن کي قتل ڪرڻ اها کلي دهشتگردي آهي، عدالتن اندر وڪيل محفوظ ناهن، ائين انسان جو قتل ڪرڻ وحشي درندي کان گهٽ ناهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ايڊووڪيٽ لطيف آفريدي جا قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪري انهن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ وڪيلن کي تحفظ ڏنو وڃي،

نيشنل پارٽي پختونخوا وحدت پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

پشاور(م ڊ) نيشنل پارٽي(اين پي) پختونخوا وحدت بزرگ ترقي پسند اڳواڻ، ناليواري قانوندان ۽ سياستدان لطيف آفريدي ايڊووڪيٽ جي بي رحماڻي قتل جي سخت مذمت ڪئي آهي، ڪي پي وحدت جي صدر ڊاڪٽر سرفراز خان قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، نيشنل پارٽي ڪي پي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

لطيف آفريدي سڄي ڄمار مظلومن لاءِ جدوجهد ڪئي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) پشاور هاءِ ڪورٽ بار روم ۾ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر، اي اين پي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ لطيف آفريدي جي بيرحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي سينيئر نائب صدر ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته لطيف آفريدي پنهنجي سموري زندگي ملڪ جي مظلوم قوميتن ۽ طبقن جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي، هنن ڪي پي ڪي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته لطيف آفريدي جي قتل جي جاچ ڪرائي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.

لطيف آفريدي جو قتل واقعو ڪي پي حڪومت جي ناڪامي آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد (م ڊ)جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عبداللطيف آفريدي جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي. جميعت علماءِ اسلام جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مطابق مولانا فضل الرحمان چيو آهي، ته ڏينهون ڏٺي جو پشاور بار ۾ عبداللطيف آفريدي تي قاتلاڻو حملو صوبائي حڪومت جي ناڪامي آهي. صوبائي حڪومت پوري صوبي کي باهه ۾ وجهي پاڻ استعيفيٰ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته عبداللطيف آفريدي جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا، واقعو افسوسناڪ آهي، واقعي جي جاچ ڪري ملزمن کي سخت سزا ڏني وڃي.

لطيف آفريدي ڪمزور طبقي لاءِ مضبوظ آواز بلند ڪيو: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد(م ڊ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جو اڳوڻو صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي لطيف آفريدي تي قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿيڻ تي شديد ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه هن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته لطيف آفريدي جي وڪيل برادري ۽ وڪالت جي شعبي لاءِ بي شمار ۽ لازوال خدمتون آهن، هن جي قومي ۽ پارلياماني خدمتن کي هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته مرحوم انساني حقن جو علمبردار هو ۽ هن هميشه پٺتي پيلن ۽ ڪمزور طبقي لاءِ مضبوظ آواز بلند ڪئي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مرحوم لطيف آفريدي هميشه آمريت خلاف صف اول ۾ بيٺو رهيو ۽ جمهوريت لاءِ هن جي خدمتون کي هميشه ياد رکيو ويندو.

سنڌ بار پاران لطيف آفريدي جي قتل جي مذمت، اڄ هڙتال

ڪراچي (رپورٽر)سنڌبارڪائونسل جي وائيس چئيرمين ذوالفقارعلي جلباڻي پاران سپريم ڪورٽ بارجي اڳوڻو صدر لطيف آفريدي جي قتل جي مذمت ڪندي صوبي جي عدالتن ۾ بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي .وائيس چيئرمين جو چوڻ آهي ته حڪومت وڪيلن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي .اصل قاتلن کي گرفتار ڪري سزاڏئي وڃي . 03

شازيا مري پاران قتل جي مذمت

اسلام آباد(م ڊ)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عبداللطيف آفريدي جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي ان جي شديد مذمت ڪئي آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ شازيه عطا مري چيو ته ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڏکويل ڪٽنب سان گڏ آهي. هن چيو ته عبداللطيف آفريدي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني ويندي.

لطيف آفريدي هڪ بهادر ۽ ايماندار ماڻهو هو: نواز شريف

لنڊن(م ڊ)مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عبداللطيف آفريدي جي قتل تي تمام گهڻو ڏُک ٿيو آهي. هو هڪ بهادر ۽ ايماندار ماڻهو هو، جنهن پنهنجي زندگي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ۽ شهري حقن جي تحفظ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ ڏکويل ڪٽنب کي صبر عطا فرماءِ

اڄ ڪي پي ڪي ۾ عدالتن جي بائيڪاٽ جو اعلان

پشاور(م ڊ)پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ۽ نالي واري قانوندان ۽ انساني حقن جي علمبردار عبداللطيف آفريدي عرف لطيف لالا جي قتل خلاف (اڄ) سڄي صوبي ڪي پي ڪي ۾ عدالتي بائيڪاٽ ڪيو ويندو. ان حوالي سان خيبر پختونخوا بار ڪائونسل پشاور هاءِ ڪورٽ، ڊسٽرڪٽ بار پشاور ۽ ٻين وڪيل تنظيمن ان ڏکويل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي عدالتي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي

عبدالطيف آفريدي مظلومن جو مضبوط آواز هو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عبدالطيف آفريدي مظلومن جو مضبوط آواز هو، هو حق ڳالهائيندڙ ۽ سچو انسان هو، ان جي بي رحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. ڪالهه سومر ڏينهن پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بار روم جي اندر اهڙي قسم جي بي رحماڻي ڪارروائي امن امان جي سنگين صورتحال جو مظهر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عبدالطيف آفريدي جي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا.

حيدرآباد ۾ لطيف آفريدي جي شهادت واقعي خلاف وڪيلن جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر)حيدرآباد جي وڪيل برادري پاران پشاور ۾ ناليواري وڪيل لطيف آفريدي جي قتل واقعي خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ايڊوڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊوڪيٽ ستار سرڪي، ايڊوڪيٽ پيرل مجيداڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن سينئير ايڊوڪيٽ لطيف آفريدي جي قتل واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته سينئير ايڊوڪيٽ لطيف آفريدي جو قتل کليل دهشتگردي آهي. هنن چيو ته سينئير ايڊوڪيٽ لطيف آفريدي وڪيل جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ جدوجهد دوران بڪتربند گاڏي هيٺان اچڻ سبب ٻنهي ٽنگن کان معذور ٿي ويو، پر وڪيل جدوجهد کان هٿ نه کنيو. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سينئير ايڊوڪيٽ لطيف آفريدي جا قاتل فوري گرفتار ڪري مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. 17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.