اميد ته پ پ ڪراچي جا چونڊ نتيجا قبول ڪندي: سراج الحق

لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي  امير سراج الحق چيو آهي ته ڪراچي جي عوام 15 جنوري تي جنھن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان تي شھر جي عوام جماعت اسلامي ڪراچي جي ڪارڪنن سميت سڄي ملڪ جي ڪارڪنن کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو،لوئر دير مان هڪ وڊيو پيغام ۾ هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت ڪراچي جي چونڊن جي نتيجن کي کليل دل سان قبول ڪندي ۽ عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪندي، هن نتيجن ۾ دير ۽ نتيجن ۾ ليت ولعل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيصلا ڪندڙن ۽ حڪمرانن کي خبردار ڪيو ته جماعت اسلامي 2018ع جي چونڊن ۽ ماضي وانگر ڪنهن کي به رات جو عوام جي ڏنل مينڊيٽ کي ھڙپ ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي ۽ جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي ته هو ڪراچي سميت پوري ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ ان جي خلاف سخت احتجاج ڪندا ۽ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو،هن چونڊ نتيجن ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي اليڪشن ڪميشن جو امتحان آهي ۽ ان سان عوام جي ذهنن ۾ اداري بابت شڪ پيدا ٿي رهيا آهن ان کي ختم ڪرڻ گهرجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.