ڪينسر جو علاج ڪرائڻ بدران مرڻ پئي چاهيو: سنجي دت

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت انڪشاف ڪيو آهي ته مان ڪينسر جو علاج ڪرائڻ بدران مرڻ پئي چاهيو.

2020 ۾ فلم ”شمشيرا“ جي شوٽنگ دوران سنجي دت جي ڦڦڙن ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي هئي، ڪجهه عرصي کانپوءِ ئي هن علاج ڪرائي ڪينسر کي شڪست ڏئي ڇڏي.

هڪ تازي انٽرويو ۾ سنجي دت چيو ته جڏهن مون کي پهريون ڀيرو ڪينسر جي خبر پئي ته مان ڪيميوٿراپي بدران مرڻ جي ترجيح ڏني هئي.

سندس موجب جڏهن ڪينسر جي خبر ڏني وئي ته مون وٽ گهرواري، فيملي ۽ ڀينرن سميت ڪير به نه هو، اڪيلو هيس، مون کي هڪ نوجوان اچي ڪينسر جي خبر ڏني.

سنجي دت چيو ته منهنجي ماءُ جو لاڏاڻو ڪينسر سان ٿيو هو، تنهن ڪري مون کي ڪينسر جي خبر پئي ته سوچيو مري ويندس پر ڪيميوٿراپي نه ڪرائيندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.