اي آءِ جا اُهي ٽولز جيڪي توهان جي زندگي سولي ڪري ڇڏيندا

مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالوجي سڄي دنيا ۾ ماڻهن لاءِ سولائيون پيدا ڪيون آهن جنهن سان توهان نه رڳو پنهنجو قيمتي وقت بچائي سگهو ٿا پر پنهنجي ڪم کي وڌيڪ بهتر ۽ ڪارائتي انداز ۾ مڪمل ڪري سگهو ٿا.

رپورٽ موجب اي آءِ جي هڪ اهم ٽول سان پراڻيون تصويرون فوري ٺيڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي. جي ايف پي- جي اي اين سان پراڻي تصوير کي ڪجهه سيڪنڊز ۾ نئون ڪري سگهو ٿا.

نو ٽيون اي ءِ ڪاپي رائيٽنگ ٽول آهي جيڪو ڪنهن به قسم جو انگريزي مواد لکڻ ۾ مدد فراهم ڪندو، نه رڳو بلاگ پوسٽ، پريس ريليز پر نظمون لکڻ ۾ به مدد ڪندو، ڪاپي اي آءِ نالي سان هڪ ٻيو ٽول به ساڳي ريت ڪم ڪندو. جنهن سان لکت بهتر ٿيندي.

رپورٽ موجب هڪ آن لائين وڊيو ٺاهڻ وارو پليٽ فارم آهي جنهن ۾ مختلف ٽولز آهن جنهن کي استعمال ڪري سولائي سان وڊيوز ٺاهي سگهو ٿا. لالال اي آءِ مف آن لائين ٽول آهي جيڪو آواز ۽ موسيقي کي ڌار ڪندو آهي، ان ٽول جي مدد سان ڊرم، باس،پيانو، انسٽروميٽل ۽ ايڪوسٽڪ گٽار جي آواز کي ڌار ڪرڻ جي سگهه رکندو آهي ۽ اصل مواد کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ ٽريڪس کي ٺاهي سگهي ٿو، اهڙي ريت ڊيپ بيٽ واهپيدارن کي گانا ڳائڻ ۽ انهن کي ڌن ۾ وجهڻ ۾ مدد ڪندو.

ڊيپ نوسٽيلجيا اهڙو ڇرڪائيندڙ ٽول آهي جيڪو تصويرون کي متحرڪ ڪندو آهي ان جي مدد سان توهان پراڻن فيملي فوٽوز ۾ ماڻهن کي مٿو حرڪت ڪندي ڏسي سگهو ٿا جڏهن ته انهن کي مسڪرائيندي به ڏسي سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.