دادو ڀرسان حملي ۾ صحافي ۽ سماجي ڪارڪن زخمي

ڪراچي  (عوامي آواز نيوز) دادو شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ نور واھ واري علائقي ۾ دادو جوھي لنڪ روڊ تي مقامي صحافي ۽ سماجي ڪارڪن منصور مخدومي پنھور تي قاتلانه حملو ڪيو ويو، فائرنگ سبب سخت زخمي ٿي پيو، کيس سول اسپتال دادو علاج لاءِ آندو ويو جنهن کي وڌيڪ علاج لاءِ سيوهڻ اسپتال نيو ويو، ان موقعي تي زخمي منصور مخدومي پنھور ۽ شيراز پنھور ٻڌايو ته اسان يوسي مراد آباد جي هڪ پولنگ الله ورايو پنھور ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ ويا هئاسين ته پنھور برادري جي ماڻهن سان منهن ماري ٿي پئي هئي، اسان کي شڪ آهي ته انهن مان ئي اسان تي ڪنهن حملو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.