ٽنڊو الهيار ۾ مڪاني چونڊ دوران جهيڙو، لٺين جو وسڪارو، رينجرز طلب

ٽنڊوالهيار (  ڊ ر ) ٽنڊوالهيار ميونسيپل ڪميٽي وارڊ 12 تي پ پ اميدوار اڳوڻي وائيس چيئرمين ايم سي ٽنڊوالهيار شاهد جعفر قائمخاني هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هڪ پولنگ اسٽيشن تان مون 76ووٽن تان مخالف اميدوار کي شڪست ڏني آهي, جڏهن ته ٻي پولنگ اسٽيشن خير محمد مڱريو تي آئون رزلٽ لاء ويس ته منهنجي مٿان ۽  پولنگ ايجنٽن کي فائرنگ ۽ جهيڙو ڪري ڀڄايو ويو, هن چيو مذڪوره پولنگ اسٽيشن جي مون کي رزلٽ به نه ملي, هن چيو ته مون کي هن پولنگ اسٽيشن تان هارايو ويندو, مون اهڙو اطلاح مقامي انتظاميه کي ڏنو آهي, هن چيو ته انهي دوران پوليس جو ڪردار مڪمل خاموشي وارو رهيو, اسين پرامن ۽ ڪاروباري ماڻهو آهيون. هنن چيو ته جلسازي وارن نتيجن کي قبول نه ڪنداسين, انهيء جي خلاف هر قسم جي قانوني ڪاروائي ڪنداسين  ٻي پاسي يونين ڪائونسل بڪيرا شريف جي گرلس اسڪول جي پولنگ اسٽيشن تي پ پ اميدوار ۽ آزاد اميدوار جي حامين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو  هڪ ٻئي تي لٺين لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو ويو, پوليس ۽ رينجرس مڇريل ماڻهن تي لاٺي چارج ڪري ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو, جهيڙي سبب پولنگ اسٽيشن کي آخري ٻه ڪلاڪ بند ڪيو ويو, جڏهن ته جهيڙي دوران مڇريل ماڻهن بوٿ ۾ داخل ٿي بيلٽ باڪس کي ٽوڙڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.