نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي راڄڌاني دهلي جي علائقي مالويا نگر ۾ هڪ اوور برج جي لفٽ ۽ ڀتن وچ ۾ ڦاسڻ سبب هڪ 25 ورهين جي شخص جو موت ٿيو.
اين ڊي ٽي وي موجب اهو واقعو ڇنڇر جي رات پيش آيو هو.
مالويا نگر پوليس موجب لفٽ ۾ ڦاٿل ٻيا ماڻهو ڪاميابي سان بچي ويا.
لفٽ ۾ ڦاٿل ٽن شاگردن پوليس کي ايس او ايس ڪال ڪئي جنهن بعد جلد هڪ فائر انجڻ پوليس ۽ ٻيا اهلڪار پهتا.
واقعي واري هنڌ جي وڊيو ۾ لفٽ جي گيٽ ۽ ڀت وچ ۾ وڌي ڏسي سگهجي ٿي.
پوليس جو چوڻ آهي ته اهو اڻڄاتل چور هو جيڪو وٿي ۾ ڦاسي پيو هو ۽ ان جي ڪري ئي لفٽ خراب ٿي وئي هئي.