ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا سان سيريز ختم ٿيڻ بعد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪيو آهي.
آسٽريليا پاران سيريز ختم ڪرڻ بعد افغانستان پاڪستان سان سيريز کيڏڻ جو خواهشمند آهي.
ان سلسلي ۾ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪيو آهي ۽ گڏيل عرب رياستن ۾ مارچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
ياد رهي ته طالبان حڪومت طرفان عورتن جي اعليٰ تعليم تي پابندي خلاف آسٽريلوي بورڊ ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان خلاف سيريز نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ٻئي پاسي پي سي بي افغانستان خلاف ٽن ميچن سيريز واري آپشن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.