پي ٽي آءِ جو اڱاري تي خيبرپختونخوا اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڱاري تي خيبرپختونخوا اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڪي پي جو وڏو وزير محمود خان عمران خان جي حڪم جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ اڄ کيس ان حوالي سان هدايت ملي وئي آهي ۽ هو اڱاري تي اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري گورنر ڏانهن اُماڻيندو.

وڏو وزير آئين جي آرٽيڪل 112 تحت گورنر کي سمري موڪليندو ، 48 ڪلاڪن اندر گورنر سمري تي صحيح ڪندو، ٻي صورت ۾ اسيمبلي پاڻ مرادو ٽٽي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.