اليڪشن ڪميشن جو تڪبندين واري معاملي تي سياسي جماعتن جي بيانن جو نوٽيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن طرفان غيرذميوارڻن بيانن جو نوٽيس ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيوويو آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع سيڪشن ڏهه تحت لوڪل ڪائونسل جو انگ مهيا ڪرڻ صوبائي سرڪار جي ذميواري آهي.

سنڌ حڪومت لوڪل ڪائونسل جو انگ اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪيو، اليڪشن ڪميشن ان ئي انگ پٽاندڙ تڪبنديون ڪرڻ جي پابند هو ۽ قانون مطابق شفاف نموني تڪبنديون ڪيون.

ترجمان چيو ته سنڌ جي تڪبندين جو اسلام آباد جي تڪبندين سان ڪو واسطو ناهي، اسلام آباد ۾ چونڊ شيڊول دوران يوسيز جو انگ وڌايو ويو ۽ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جو معاملو هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته اسلام آباد جي 101 يوسيز تي 7 کان 10 ڏينهن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهي تنهنڪري ڪميشن تي مڙهيل الزام غلط ۽ قانون جي خلاف آهن، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو بيان غلط ۽ عوام کي ورغلائڻ برابر آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواري بهتر طريقي سان ادا ڪري رهيو آهي، چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ بعد چونڊ فهرستن کي منجمد ڪيو ويندو آهي انڪري شيڊول جاري ٿيڻ بعد ووٽ داخل يا خارج نٿو ڪري سگهجي، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جو شيڊول 29 هين اپريل 2022ع تي جاري ڪيو ويو ۽ 29 هين اپريل جي چونڊ فهرستن موجب مڪاني چونڊون ڪرايون پيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.