اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 3 فلسطيني شهيد

والاريل بيت المقدس (م ڊ) اولهه ڪناري اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج جي فلسطينين تي فائرنگ کانپوءِ اولهه ڪناري ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي. اختيارين موجب اسرائيلي فوج قلنديا ۽ جنين جي پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ فلسطينين کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي شهادتون ٿيون. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب هلندڙ سال اسرائيلي فوج هٿان 8 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.