سنڌي جماعت سوسائٽي جي سيڪريٽري کي 5 سال قيد جي سزا

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسپيشل اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ خردبرد ڪرڻ جي الزام جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سوسائٽي جي  سيڪريٽري مختيار چنو کي 5 سال،عورت زيب النساءِ ۽ امير علي کي 3-3 سال قيد جي سزا ۽ 50-50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.جوابدارن سنڌي جماعت ڪوآپرٽيو سوسائٽي سيڪٽر 25 اي ۾ ملي ڀگت ڪري جعلي ڪاغذن تي جوابدار عورت زيب النساءِ کان وڪرو ڪيو جڏهن ته سوسائٽي جي فنڊ ۾ خرد برد ڪئي وئي، جوابدار ضمانت تي هئا عدالتي فيصلي بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.